عمرڪوٽ ۾ ڪاروڪاري جي واقعن ۽ نياڻين کي حراسان ڪرڻ خلاف ريلي

جي ڊبليو سي جي سڏ تي ٿيل احتجاج ۾ سياسي، سماجي ڌرين ۽ شهرين جي شرڪت

عمرڪوٽ ۾ ڪاروڪاري جي واقعن ۽ نياڻين کي حراسان ڪرڻ خلاف ريلي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جي ڊبليو سي جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ خالدہ چانڊيو، هالا جي شمائلا چانڊيو ۽ ميرپورخاص جي ميڊيڪل شاگردياڻي فهميده لغاري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ شهري ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي جي ڊبليو سي جي ضلعي اڳواڻ مدن گوپال ڪئي، جڏهن ته مرڪزي صدر شوڪت نوناري جي سڏ تي هي احتجاجي مظاهرو منظم ڪيو ويو، مظاهري ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن، وڪيلن، واپارين، صحافين ۽ شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ نياڻين کي ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ڪرڻ جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، جن جي روڪٿام لاءِ رياست کي فوري طور تي سخت قدم کڻڻ گهرجن، هنن مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا ٻيهر پيش نه اچي سگهن، مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۾ ايس يو پي جي حاجي ساند، پي ٽي آءِ جي امان الله سمون، ايس ٽي پي جي ڪامريڊ ميهار بنگلاڻي، ايس يو پي جي اڳواڻ ثناء ساند، شهيد ڀٽو مينارٽي ونگ سنڌ جو صدر ڀاڳچند، عوامي تحريڪ جي الفقراء محمد رحيم مهر ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي فقير محب منڱريو سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي هيسائڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته مستقبل ۾ والدين پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کان به پاسو ڪرڻ لڳندا، جيڪو سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ ٿيندو، هنن چيو ته جي ڊبليو سي هاڻي هڪ سگهارو آواز بڻجي چڪي آهي، جيڪا سنڌ جي هر اهم مسئلي تي آواز اٿاري رهي آهي، جڏهن ته ٻين تنظيمن کي به گهرجي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن سماج مان ناانصافيون ختم ڪري سگهجن.