مظاهرين پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود پورٽ قاسم انتظاميا تي هراسان ڪرڻ جا الزام
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي قديم سنڌي وسندي بجار ڪلمتي ڳوٺ جي رهواسين محمد حسين ڪلمتي، غازي خان ڪلمتي، محمد خان ڪلمتي، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين پورٽ قاسم انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي واضح فيصلي باوجود کين مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي ڳوٺاڻن موجب تازو ئي پورٽ قاسم سيڪيورٽي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي ڊرون ڪيمرائن سان ڳوٺ جي نگراني ۽ جاسوسي ڪئي پئي وڃي جيڪا کين ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته لڳ ڀڳ 15 سالن جي ڊگهي قانوني جنگ کان پوءِ عدالت سندن حق ۾ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته بجار ڳوٺ پورٽ قاسم جي ملڪيت ناهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 2012ع ۾ ڊي سي جي رپورٽ جي بنياد تي هاءِ ڪورٽ ڳوٺ کي باقاعدي طور سيڪشن ڪري ڇڏيو هو ۽ ڳوٺاڻن جي رهائش ۽ حقن کي تحفظ ڏنو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به واضع ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به اداري، خاص طور تي پورٽ قاسم طرفان ڳوٺاڻن خلاف ڪا ڪارروائي، چڙهائي يا نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته متاثر ڌريون قانوني رستو اختيار ڪري سگهن ٿيون. ان باوجود پورٽ قاسم انتظاميا مبينا طور تي مسلسل دٻاءُ وجهي رهي آهي احتجاج دوران ڳوٺاڻن الزام هنيو ته پورٽ قاسم جي چيئرمين ۽ ڊي جي جي هدايتن تي ڳوٺ جي ڊرون نگراني ڪرائي پئي وڃي جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙيل آهي. هنن چيو ته اهو عمل نه رڳو عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي پر ڳوٺاڻن جي راضداري ۽ بنيادي حقن جي به کليل خلاف ورزي آهي احتجاج ڪندڙن حڪومت سنڌ، اعليٰ اختيارين ۽ عدليه کان مطالبو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ پورٽ قاسم انتظاميا کي غيرقانوني قدمن کان روڪيو وڃي هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے