ٺٽي ۾ اي ڊي سي وليد ڏاوڇ جي اڳواڻي ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ اي ڊي سي وليد ڏاوڇ جي اڳواڻي ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي نگراني هيٺ ضلعي انتظاميه پاران نئين تعليمي سال 2026-2027 لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا وڌائڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏي آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر وليد احمد ڊاوچ ڪئي. ريلي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان شروع ٿي پبلڪ پارڪ مڪلي تائين پهتي. ريلي ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، گسٽا، پ ٽ الف، گواز، اين سي ايڇ ڊي جي نمائندن، استادن، شاگردن ۽ والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊز ۽ بينرز هئا، جن تي تعليم جي اهميت بابت نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد احمد ڊاوچ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي، نور سرائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ معياري ۽ مفت تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ھنن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجن ٻارن، خاص طور ڇوڪرين کي اسڪول موڪلين. مقررین وڌيڪ چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي خواندگي جي شرح ۾ واڌ ممڪن آهي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ علائقي ۾ وڃي ماڻهن کي تعليم جي اهميت بابت آگاهي ڏيندا ته جيئن ٺٽو کي هڪ تعليم يافته ضلعو بڻائي سگهجي.