ڊائريڪٽر انفارميشن سکر غلام عباس ڳوراھو جي روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي آفيس پھچڻ تي عثمان گھنڃو پاران آجيان ڪئي
روھڙي (رپورٽر) ڊائريڪٽر انفارميشن سکر غلام عباس ڳوراھو چيو آهي ته حق سچ لکڻ ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هر صحافي اسان لاءِ قابل احترام آهي، ۽ سندن جائز مسئلن جي حل لاءِ هو ڏينهن رات ڪوشان آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي آفيس آمد جي موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد عثمان گھنڃو پاران کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پڻ اوڍايو ويو ان موقعي تي ڊائريڪٽر انفارميشن سکر چيو ته صحافت هڪ مقدس پيشو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد معاشري ۾ سچائي، انصاف ۽ عوامي آواز کي هٿي ڏيڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن کان مڪمل آگاهي آهي ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهيان ته جيئن جلد کان جلد صحافين کي رليف فراهم ڪري سگهجي غلام عباس ڳوراھو چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، ۽ انفارميشن کاتو به صحافين جي فلاح و بهبود لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو هن چيو ته تمام صحافي ذميواري سان پنهنجا فرائض انجام ڏيندا رھن تہ جئين معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي ان موقعي تي روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي عهديدارن ڊائريڪٽر انفارميشن کي صحافين کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي هن سندن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي روھڙي يونين آف جرنلسٽس جو سينئر نائب صدر جمشيد قريشي، جوائنٽ سيڪريٽري ابوالڪلام قریشي، عبيد الله لکڻ، روھڙي پريس ڪلب جو خزانچي ڪامران انصاري، آر، يو جي آفيس سيڪريٽري ڪامران گھنڃو، فرحان گھنڃو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0 تبصرے