ريلي ۾ شاگردن، استادن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مراد ميمن ڳوٺ ۾ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ۽ پرائمري گڏاپ ٽائون ايجوڪيشن آفيس طرفان “جاڳرتا تعليم ريلي” ڪڍي ويئي جنهن ۾ شاگردن، استادن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ريلي گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج مراد ميمن گوٺ کان ڪڍي ويئي جيڪا مختلف رستن تان گذرندي الحبيب بينڪ وٽ پڄاڻي تي پهتو۔ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي تعليم جي حق ۾ نعرا هنيا۔ريلي جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اقبال ميمن، ٽائون ايجوڪيشن آفيسر منظور احمد ميمن، خالد جمع جوکيو ۽ محمد سليم جے ميمڻ سميت ٻين تعليمي آفيسرن ڪري رهيا هئا جڏهن ته سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري تعليمي شعور جي مهم کي ڀرپور حمايت ڏني۔ان موقعي تي مقررین خطاب ڪندي چيو ته تعليم ئي ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد آهي، ۽ هر ٻار کي اسڪول تائين رسائي فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي۔ هنن والدين تي زور ڀريو ته هو پنهنجن ٻارن جي تعليم کي يقيني بڻائين ته جيئن هڪ پڙهيل لکيل، باشعور ۽ خوشحال سماج قائم ٿي سگهي۔مقررین وڌيڪ چيو ته تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، ان ڪري استاد، والدين، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن هر ٻار تعليم جي زيور سان آراسته ٿي سگهي۔ ريلي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن تعليم جي فروغ لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو۔
0 تبصرے