ڊي سي شڪارپور شڪيل ابڙو جي صدارت ۾ گڏجاڻي, پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

ڊي سي پاران پوليو مهم دوران ڪا به ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت

ڊي سي شڪارپور شڪيل ابڙو جي صدارت ۾ گڏجاڻي, پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري. ايندڙ پوليو مهم ۾ ڊيوٽيءَ دوران ڪو به يوسي سيڪريٽري، تپيدار يا ڪوئي به ملازم غير حاضر رهيو ته ان جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور اسان هن وقت سڀني کي ٽريننگ ڏئي پوري ڪئي آهي ۽ ايندڙ پوليو مهم ڪامياب بڻائينداسين. ڊي ايڇ او شڪارپور - تفصيل موجب گذريل ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ضلعي انتظاميه پاران تعلقه ليول تي اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت ٽيمون ڪم تمام بهترين ڪن ٿيون. ان کان پهرين پوليو مهم جي تياريءَ بابت گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻار پوليو جا قطرا پيارڻ کان رهجي وڃي ٿو ته ميڊيڪل آفيسر ۽ ايريا انچارج وري پنهنجي علائقي کي سوئيپ ڪرائن ۽ ميڊيڪل آفيسر ۽ ايريا انچارج به ڪوتاهي ڪن ته تعلقه فوڪل پرسن جي ذميواري آهي ته هو رهجي ويل ٻارن ۽ انڪاري ٻارن کي روينيو آفيسرن جي مدد سان پوليو جا قطرا پيارين. هن گورنمينٽ ۽ اين جي او جي ورڪرن جي پوليو ڊيوٽي مان غير حاضري جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته اينڊر پوليو مهم ۾ ڊيوٽيءَ دوران ڪوبه يوسي سيڪريٽري، تپيدار يا ڪوئي به ملازم غير حاضر رهيو ته ان جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته جيڪي به يوسيون متاثر ٿين ٿيون يا ٻار پوليو پيئڻ کان رهجي وڃن ٿا، انهن کي ٻي ڏينهن ٽيمون موڪلي پوليو پياريو وڃي. ان موقعي تي تعلقه فوڪل پرسن جيڪي ڊاڪٽر آهن انهن کي پابند ڪيو وڃي. هن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيمه ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر عارفه بتول سميت ٻين تعلقه اسسٽنٽ ڪمشنرن کي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن دفعي ڪنهن به تعلقي جي يوسيءَ ۾ ٻار پوليو جي خطرناڪ بيمارين کان نه رهجي. هن چيو ته روينيو، لوڪل گورنمينٽ، ايجوڪيشن، هيلٿ، پي پي ايڇ آءِ، سرسو، پوليس ۽ ٻين ملازمن جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ ان کي برقرار رکندي پوليو جو ٽارگيٽ سٺو هجڻ گهرجي ان موقعي تي ڊاڪٽر ارشاد احمد سرڪي ڊي ايڇ او شڪارپور چيو ته اسان هن وقت سڀني کي ٽريننگ ڏئي پوري ڪئي آهي ۽ ايندڙ پوليو مهم ڪامياب بڻائينداسين. هن چيو ته جيڪي ضلعي اندر پوليو جون ٽيمون ڪم ڪن ٿيون انهن جي سختيءَ سان مانيٽرنگ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو ملازم پوليو پيارڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو، ان جي خلاف سخت قدم کڻنداسين. گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر امتياز ميتلو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن دفعي ڪجهه يوسين ۾ مسئلا درپيش آيا جن کي ضلعي انتظاميه پاران حل ڪرايا. ان موقعي تي ڊاڪٽر امتياز چيو ته هن دفعي گرمي سبب ڪولڊ چين جي به گهرج پوندي ۽ سڪيورٽي جي حوالي سان ٽرانزٽ پوائنٽ تي پوليس جو هجڻ به ضروري آهي. ان موقعي تي چئني اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر عارفه بتول، اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين انور حسين، اسسنٽ ڪمشنر لکي غلام شاهه راجيش ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور نزاڪت ڏهاڻي، سيد حيدر علي شاهه ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ، خطيب مولانا عطا محمد، ڊي ايس پي سٽي، ڊي آءِ بي انڇارج سيد شاهجهان سرسو ۽ ٻين ضلعي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي