English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا
295 views
|
05th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد/خيرپور ناٿن شاھ / ماتلي / ٻڍو قمبراڻي /ملير /شاھپورچاڪر / ڏھرڪي : پئٽرول ۽ ڊيزل مھانگو ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ٽي ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا ھنيا ويا. ڪارڪنن پئٽرول مھانگو ڇو ڀلا، ڊيزل مھانگو ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا سميت مختلف نعرا ھڻي قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڏس خيرپور ناٿن شاھ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي آرگنائيزر سومر چانڊيو، ايڊوڪيٽ مير کوسو ايڊووڪيٽ ، اصغر رند،جاويد چانڊيو، سڄڻ سيتائي، باغي وفا انور جانوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ماتلي شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ صدر ڪيلاش مڪواڻه ڪولھي،غلام محمد چانڊيو، ارشاد خاصخيلي، مالشي ڪولھي، تاج خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ٻڍوقمبراڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نثار ڀرڳڙي، شوڪت علي نوحاڻي، پير بخش ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سورھيه بادشاھ چوڪ کان ريلي ڪڍي ٻڍوقمبراڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جنسار ھيسباڻي، ھريرام سنڌي،لالچند، لڇمڻ ۽ پنھون جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد نيشنل ھاوي کان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. شاھپورچاڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 15 چوڪ کان پريس ڪلب شاهپور چاڪر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڏھرڪي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن تراب علي شر، ڪامريڊ رمضان، منير آرائين، محبت سميجو تعلقي واجد علي ڏهر ڪمال خان شر گلشير سميجو امجد شر راشد علي ڪانڃون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي هوٽل کان ڊان چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ تيل مھانگو ڪري غريب عوام کي ماني گھر کان محروم ڪيو ويو آھي. پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي. 80 روپيا گھٽتائي قبول ناھي. پئٽرول سان گڏ ڊيزل جا اگھ به گھٽايو وڃن. حڪومت کي 246 روپيا ليٽر تيل ملي ٿو، ان جو اگھ پوڻا 4 سئو تائين وڌائڻ سراسر ظلم ۽ زيادتي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي
QAT
0 تبصرے