English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
7 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ تازي واڌ خلاف عمرڪوٽ ضلعي ۾ احتجاجن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جتي مختلف شهرن ۾ ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ سبب عام ماڻهون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، خبر موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ بعد عمرڪوٽ شهر ۾ رڪشا ڊرائيورن روحل بس اڏي کان احتجاجي ريلي ڪڍي الله والا چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي، اطلاع تي سٽي پوليس پهچي روڊ کولرائي ڇڏيو، رڪشا ڊرائيورن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تيل مهانگو ٿيڻ سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿيو آهي، سواري گهٽجي وئي آهي ۽ گذر سفر ڏکيو بڻجي ويو آهي، هنن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان گڏ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه پڻ وڌي ويا آهن، جنهن جو سڌو اثر غريب طبقي تي پيو آهي، جڏهن ته هاڻي ٻچن جي روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي، ٻئي پاسي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سماجي ۽ سياسي اڳواڻن دلاور مالڪاڻي، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، فنڪشنل ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، ايس يو پي ضلع اڳواڻ امتياز ڪنڀر سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالهي چيو ته حڪمران عالمي حالتن جو جواز ڏئي عوام مٿان مهانگائي مسلط ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن ۾ گهٽتائي باوجود ملڪ اندر پيٽرول مهانگو ڪرڻ ناانصافي آهي، هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ واڌ سبب عام ماڻهون، شاگرد، مزدور ۽ هاري سخت متاثر ٿي رهيا آهن ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان زرعي شعبي تي به ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي ۽ هارين جا خرچ وڌي ويا آهن، جڏھن تہ پاڪستان ۾ دنيا جو ٻيو نمبر مهانگو پيٽرول وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪو حڪومت جي ناڪام پاليسين جو واضح ثبوت آهي، هن سوال اٿاريو ته دنيا ۾ ڪٿي به جنگ يا تڪرار ٿئي ته ان جو اثر صرف پاڪستان تي ڇو ٿو پوي؟ ٻين ملڪن ۾ اهڙو بار عوام تي ڇو نه وڌو ويندو؟ هن وڌيڪَ چيو ته موجوده حڪمران پنهنجا “ٻڀ ڀرڻ” لاءِ عوام مٿان ڏمر نازل ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي غريب طبقي کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته مهانگائي جي شرح 9.3 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهون جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اگهه واپس نه ورتا ويا ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪَ تيز ڪيو ويندو، ان موقعي تي ٻين سماجي ۽ سياسي اڳواڻن دلاور مالڪاڻي، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، فنڪشنل ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، ايس يو پي ضلع اڳواڻ امتياز ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائي جو طوفان برپا ٿي چڪو آهي، پيٽروليم اگهن ۾ واڌ سان نه رڳو ٽرانسپورٽ پر ڪاروبار ۽ روزگار جا ذريعا به متاثر ٿيا آهن، حڪمرانن رات جي اونداهي ۾ پيٽروليم اگهه وڌائي عوام سان دوکو ڪيو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن چيو ته حڪومت گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته عوام مٿان پيٽرول بم نه ڪيرائبو، پر اهو اعلان صرف ڏيکاءُ ثابت ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته عوام کي فوري رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ اگهن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي، ضلعي جي ٻين شهرن ڪنري، سامارو، پٿورو، ڍورونارو سميت مختلف علائقن ۾ پڻ شهرين، واپارين ۽ مزدورن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي پوليس پهچي مظاهرن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، هوڏانهن پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب عمرڪوٽ کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سان مسافرن تي اضافي مالي بار وڌي ويو آهي ۽ عوامي بيچيني ۾ وڌيڪَ اضافو ٿيو آهي، احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڪيل واڌ فوري طور واپس نه ورتي وئي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ هر سطح تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ
ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
0 تبصرے