ڪراچي پوليس ناريجو ڳوٺ تي ڪاهه ڪري ڳورهاري ناري اقرا ۽ سندس مڙس اظهر کيرڙو سميت 4 ڄڻن کي کڻي وئي: وارث
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ناريجو ڳوٺ مڪلي ۾ ڪراچي پوليس جو رات دير سان ڇاپو، پسند جي شادي ڪندڙ ٻن مهينن جي حامله ڇوڪري ۽ ان جو مڙس سميت ٻيا گرفتار، وارثن موجب اسان جي ڀاءُ ۽ ڀاڀي جي جان کي خطرو آهي۔رات دير سان ڪراچي سائوٿ انويسٽيگيشن پوليس جي وڏي نفري ناريجو ڳوٺ تي ڇاپو هڻي، ٻه مهينا اڳ سيوهڻ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ڇوڪري اقراء ڌيءَ اعجاز کيرڙو عمر 18 سال، جيڪا ٻن مهينن جي حامله آهي ۽ رهائشي ملير ڪراچي، ۽ ان جي مڙس اظھر پٽ ايوب کيرڙو عمر 20 سال رهائشي ناريجو ڳوٺ مڪلي، شيراز ايوب ۽ هڪ بزرگ شخص کي به گهر ۾ گهڙي گرفتار ڪري ورتو۔وارثن موجب پوليس چادر ۽ چارديواري جو تقدس به پامال ڪيو۔ اقراء جيڪا ٻن مهينن جي حامله آهي، وڃڻ کان انڪار ڪيو ته پوليس کيس گهلي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪراچي وٺي ويا۔وارثن اهو به ٻڌايو ته ڇوڪري جا مائٽ بااثر آهن ۽ اسان کي اهو خطرو آهي ته ڪٿي اسان جي ڀاءُ اظھر ۽ ڀاڀي اقراء کي نقصان نه پهچايو وڃي يا دٻاءُ وجهي ڇوڪري جو بيان تبديل نه ڪرايو وڃي۔هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي۔جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي سائوٿ انويسٽيگيشن ٽيم مڪلي ٿاڻي کي ڇاپي جي اڳواٽ اطلاع ڏني هئي۔
0 تبصرے