سجاول جي عدالت پاران نابين شخص کي فل فراءِ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 7 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار بري

عدالت ۾ چوهڙ جمالي روڊ تي مبينا مقابلي ۾ علي حسن بوبڪ کي فل فراءِ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

سجاول جي عدالت پاران نابين شخص کي فل فراءِ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 7 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار بري

سجاول (رپورٽر)14 مئي 2024 تي چوھڙ جمالي روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل علي حسن بوبڪ وارو معاملو ـ ايڊيشنل سيشن جج سجاول جي عدالت ۾ سجاول جي اڳوڻي سي آئي اي انچارج ۽ ڊي آئي سي انچارج سميت 7 پوليس اهلڪارن خلاف قتل جي درخواست جي ٻڌڻي جو فيصلو ٻڌائيندي ستن ئي ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو ـ پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻايل علي حسن بوبڪ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو ـ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل علي حسن بوبڪ جي گهروارِي مسمات رحمت سجاول جي عدالت ۾ پوليس اهلڪارن جي خلاف قتل جي ڪيس جي درخواست داخل ڪرائي هئي ايڊيشنل سيشن جج سجاول اشفاق نظاماڻي جي عدالت ۾ سينئر وڪيل لياقت جماري جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس اهلڪارن خلاف ٿيل ڪيس کي ختم ڪندي باعزت ڀري ڪري ڇڏيو ڪيس ۾ سجاول جي اڳوڻي سي آئي اي انچارج انسپيڪٽر قربان قمبراڻي سجاول جي اڳوڻي ڊي آئي سي انچارج عبدالحفيظ برٽ اي ايس آئي عبدالمجيد منگي پوليس اهلڪارن جمن سولنگي محبوب علي، نويد ۽ محمد ابراهيم شامل آھن جڏھن ته فريادي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجو مڙس نابين ھو جنهن کي پوليس گهران کنڀي کڻي ويا بعد ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي جيڪو عدالت سڳوري ڪيس کي ڪوڙو ڄاڻائيندي ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو ـ