English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ صفائي جو ناقص نظام، ڪچري جي ڍيرن سبب شهري زندگي عذاب بڻجي وئي
81 views
|
31st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڪچري جا وڌندڙ ڍير ماحولياتي آلودگي سان گڏ مختلف بيمارين جي پکڙجڻ جو به ڪارڻ بڻجڻ لڳا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير جي مختلف علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي۔ گندگي ۽ ڪچري جا وڌندڙ ڍير نه صرف ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجي رهيا آهن پر مختلف بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي، جنهن تي علائقي واسين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔علائقي واسين موجب حسن پنھور ڳوٺ، سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي فيز ٽو، سنڌي محلو، منزل پمپ ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ صفائي جو نظام بري طرح متاثر آهي۔ گهٽين، رستن ۽ خالي پلاٽن تي ڪچري جا ڍير گڏ ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ بدبوَ پکڙجي رهي آهي ۽ شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪچري جي ڍيرن سبب مڇرن ۽ مکين جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مليريا، ڊينگي ۽ ٻين متعدي بيمارين جي پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔ رهواسين موجب ٻار، عورتون ۽ بزرگ هن صورتحال کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن۔ سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي فيز ٽو جي رهواسين ذوالفقار، منير، الله ڏنو، ڪامران ۽ ٻين شهرين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور علائقن مان ڪچرو هٽايو وڃي، صفائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ۽ مڇرن جي خاتمي لاءِ باقاعده اسپري مهم شروع ڪئي وڃي۔ علائقي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صفائي جي صورتحال کي فوري طور بهتر نه ڪيو ويو ته بيماريون وڌيڪ پکڙجي سگهن ٿيون، جنهن سان عوام جي صحت کي سنگين خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا۔ شهرين ضلعي انتظاميا ۽ بلدياتي ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ صفائي جو ناقص نظام، ڪچري ج
0 تبصرے