سنڌ جي نامياري تاريخدان، محقق ۽ اديب پير حسام الدين راشدي جي 44هين ورسي ملهائي وئي

سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ حسام الدين راشدي جي مزار تي حاضري

سنڌ جي نامياري تاريخدان، محقق ۽ اديب پير حسام الدين راشدي جي 44هين ورسي ملهائي وئي

ٺٽو (شفيق ڀٽي)سنڌ جي نامياري تاريخدان، محقق ۽ اديب پير حسام الدين راشدي جي 44هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سندن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحا خواني ڪئي وئي۔ تقريب ۾ فورم چيئرمين صادق لاکو، سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ، علامہ اقبال اوپن يونيورسٹی لاڙ ڪيمپس جي ڊپٽي مئنيجر حسن رند، سينيئر شاعر قدرت الله ڪيف پليجو، اديب غلام نبي زئور، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ صاحب ڏنو سمون سميت ٻين علمي، ادبي ۽ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ جرمن ڄائي اسڪالر ڊاڪٽر اينميري شمل جي يادگار تي پڻ گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون۔ مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پير حسام الدين راشدي هڪ سچي ۽ ذميوار تاريخدان طور سنڌ جي تاريخ تي پيل ڌوڙ کي هٽائي حقيقتن کي اجاگر ڪيو۔ هن پنهنجي علمي ۽ تحقيقي پورهئي ذريعي سنڌ جي ترقي پسند فڪر کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ڏني، جنهن سبب کيس اڄ به وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو۔ هنن مطالبو ڪيو ته مڪلي ۾ پير حسام الدين راشدي جي نالي سان قائم لائبريري کي بين الاقوامي معيار مطابق اپ گريڊ ڪري، ان ۾ مقامي توڙي پرڏيهي محققن لاءِ رهائش ۽ تحقيق جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جيئن سندن اڌورا علمي منصوبا اڳتي وڌائي سگهجن۔ تقريب ۾ سنڌ حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته هر سال پير حسام الدين راشدي جي ورسي ۽ جنم ڏينهن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن بابت ليڪچر پروگرام منعقد ڪيا وڃن ته جيئن نوجوان نسل ۾ تاريخي شعور ۽ ڌرتي سان وابستگي پيدا ٿئي۔ آخر ۾ نوجوانن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پير صاحب جي تحقيقي ڪم جو مطالعو ڪري علمي ميدان ۾ اڳتي وڌن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪن۔ تقريب ۾ شهزاد لاشاري، لطيف صادق لاکو، شهباز جاکرو سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔