سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

مختلف شيعا تنظيمن پاران ميهڙ، ٽنڊو محمد خان، ڏوڪري، گاجي کهاوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، مختلف شيعا تنظيمن پاران ميهڙ، ٽنڊو محمد خان، ڏوڪري، گاجي کهاوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ٽنڊو محمد خان م مرڪز ولايت علي پاڪستان طرفان يوم تهديم جنت البقيع جي حوالي سان ڦليلي پل کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ م مومنن شرڪت ڪئي پيادل مارچ ۽ ريلي ضلع صدر سيد فرحان علي شاهه، مولوي علي اڪبر چانڊيو علي اصغر چانڊيو. سيد عارف حسين شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي هيٺ احتجاج ڪري اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ٻي طرف جنت البقيع سعودي عرب ۾ مزارات جي تعمير لاء گاجي کھاوڙ بس اسٽاپ تي مرڪز ولايت علي پاڪستان سنڌ يونٽ خان محمد کهاوڙ طرفان زوار کھاوڙ نسيم سومر راھب سومرو علي کھاوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ھنن چيو ته ھڪ صدي اڳ سعودي حڪومت جنت البقيع جي مقبرن کي ڊاھيو ھيو جيڪي مقبرا اڄ ڏينھن تائين ناھن ٺھيا جنھن ۾ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي بيبي فاطمہ زھرہ ۽ امامن امام جعفر صادق عليه السلام، امام سجاد عليه السلام، امام محمد باقر عليه السلام جي ٻين سادات جون مزارون اس تي آھن جيڪي پڌري پٽ تي سادات جون قبرون ڏسي انتھائي ڏک ٿئي ٿو آخر سادات جي قبرن سان ايڏو ظلم ڇو ڪيو ويو آهي ھنن سعودي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بيبي زھرہ سلام الله عليھا ۽ امامن جون جنت البقيع ۾ مزارون تعمير ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ميهڙ ۾ 7 شوال يوم تھديم جنت البقيع جي ڏھاڙي جي حوالي سان مرڪز ولايت علي عليه السلام پاڪستان سنڌ جي سربراه سيد علي رضا جاني شاھ جي حڪم تحت سيد زين العابدين شاھ ، سيد ثابت علي شاه ، سيد شفقت عباس جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاه ميهڙ کان گهنٽا گهر چونڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھڻ شرڪت ڪئي ۽ ريلي ۾ شامل ماڻھن پاران نعريبازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي ته سيد ڪامران ، سيد معصوم علي ، امتياز زرداري ، اخلاق احمد چنا ، سعيد خان لاکير ، سيد عباس ، اعجاز سومرو منٺار ڀنڊ سيد مزمل عباس ، ذوالفقار پاهي ، نادر حسين چانڊيو ، گلاب مھيسر ، شعيب سومرو سھيل سومرو رمضان زرداري ، طالب علي ، رمضان جوڳي ، عارف، اويس ڀنڊ عبدالرسول کوسو علي رضا زرداري ، غلام عباس آڳرو ، اسد مگسي ، مدد تنيو ، جاني زرداري ۽ تعلقي ميھڙ جي تمام مؤمنين شرڪت ڪي، مظلوم يا بيبي فاطمۃ الزاهرا سلام ﷲ عليها ڏوڪري ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران سعودي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو 8 شوال 1925ع ۾ سعودي حڪومت پاران بيبي فاطمۃ الزاهرا سلام ﷲ عليها جن جي مزار مبارڪ جي بيحرمتي ڪري مٿان ٺهيل روضہ شهيد ڪرڻ واري عمل خلاف شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن مولانا عرفان حيدر عابدي، زوار قاضي وحيد علي، امتياز ڪولاچي، قاضي زيب احمد، صحبت جسڪاڻي، زاهد حسين ڪلهوڙو، سليم رضا جتوئي، محمد اسلم جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سعودیہ حڪومت 8 شوال 1925 ۾ آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي نياڻي بيبي فاطمۃ الزاهرا سلام ﷲ عليها جن جي مزار مبارڪ مٿان ٺهيل روضہ شهيد ڪري ڇڏيا هئا. هنن چيو ته سعودي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنا دير بيبي فاطمۃ الزاهرا سلام ﷲ عليها جن جي مزار مقدس جي تعمير ڪري روضہ ٺاهيا وڃن