عمرڪوٽ ضلعي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان

تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس، وهرو بائي پاس ۾ منعقد ڪئي ويندي: نور علي شاهه

عمرڪوٽ ضلعي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علی ڀٽو جي 47هين يومِ شهادت (ورسي) جي سلسلي ۾ ضلع عمرڪوٽ ۾ هڪ سادو پر باوقار پروگرام منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس، وهرو بائي پاس عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪئي ويندي، پروگرام مطابق 4 اپريل بروز ڇنڇر شام 3:00 وڳي قرآن خواني ۽ 4:00 وڳي دعا جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران شهيد اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، ان موقعي تي ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح جي سڀني عهديدارن، چونڊيل نمائندن، سٽي عهديدارن، ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن، ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ۽ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سميت سمورن پارٽي ورڪرن، جيالن ۽ ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پارٽي قيادت طرفان خاص هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ضلع عمرڪوٽ سان لاڳاپيل سڀئي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ يونين ڪائونسلن جي ڪارڪنن تائين دعوت پهچائين ۽ سندن شرڪت کي يقيني بڻائين، ان حوالي سان سيد نور علی شاہ ،صدر پ پ پ ضلع عمرڪوٽ، برھان الدين ڪنڀر ،سينيئر نائب صدر،۽ صوفي نواز سومرو،جنرل سيڪريٽري،پ پ انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ سڀني ڪارڪنن کي وقت جي پابندي سان شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.