English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران خالد مقبول صديقي جو 28 آئيني ترميم آڻڻ وارو مطالبو رد
209 views
|
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ آهي، ھڪڙو وطن، ھڪڙي وحدت آهي، ھڪڙي تاريخي حيثيت آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سڀاڻي (اڄ) قاضي احمد ۾ مجهند 1 وڳي شاگردن جي اجتماع ۽ شام 5 وڳي سڪرنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي پاران 28 آئيني ترميم کي آڻڻ واري مطالبي کي رد ڪندي چيو آهي تہ سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ آهي، ھڪڙو وطن، ھڪڙي وحدت آهي، ھڪڙي تاريخي حيثيت آهي غير آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو برداشت نہ ڪنداسين. غير آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون. جيڪو بہ نئين صوبي جي ڳالھ ڪري ٿو اھو انھي سازش جو حصو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ چيو تہ ڪرپٽ حڪومت ٻين ملڪن ۾ ھلندڙ جنگ کي بہ ناجائز ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. پئٽروليم ۾ اضافو ناجائز ۽ عوام جو معاشي قتل آھي. حڪومت عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائڻ بدران ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس کي ختم ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام پئٽرول پمپن تي رش ڪري ٻن ڏينھن لاءِ پيٽرول خريد ڪرڻ بدران ناجائز مھانگائي خلاف پرامن احتجاج ڪري. سڀ کان وڏي طاقت عوام آھي. عوام چاھي تہ معاشي ڦرلٽ بند ٿي سگھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت سستي اگھ تي پيٽرول خريد ڪيو. ايران، آمريڪا ۽اسرائيل دوران حڪومت دعوا ڪئي تہ تيل جو ذخيرو موجود آھي، ان باوجود پراڻي اگھ تي ورتل پئٽروليم مصنوعات جي رات پيٽ ۾ 55 روپين کان وڌيڪ ناجائز قيمت وڌائي عوام جي کيسي تي اربين روپين روپين جو ڌاڙو ھنيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران عوام کي پھرين ڏينھن کان ڪو رليف نہ ڏئي سگھيا آھن. اليڪشن کان اڳ ۾ عوام عوام ۽ مھانگائي خلاف ٽريڪٽرن، سائيڪلن، گڏھ گاڏين تي سوار ٿي وڏا اجتماع ڪندڙ حڪمران ھاڻ ايوانن ۾ ويھي عوام کي وساري ويٺا آھن. روزانو تيل ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪري واپارين، پورھيتن ۽ عام ماڻھن کي ڦري ۽ لٽي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن، جنھنڪري مھانگائي تي ڪو ڪنٽرول ناھي. سرمائيدار ۽ حڪمران طبقي لاءِ سڀ مراعتون ۽ سھولتون آھن. نوڪري پيشا، ننڍو ڪاروبار ڪندڙ، واپاري، ھاري، آبادگار ۽ عام ماڻھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. انھن لاءِ معاشي استحڪام ۽ خوشحالي بدران وڏا ٽئڪس، مھانگيون شيون، ڦرلٽ جي بازار گرم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽروليم مصنوعات مھانگي ٿيڻ سان عام ماڻھو جي زندگي تي وڏو بار پوي ٿو. سفر کان وٺي ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي. جنھنڪري حڪومت ناجائز وڌايل اگھ فوري طور تي واپس وٺڻ سان گڏ اگھن ۾ اضافي واري پاليسي کي واپس وٺي. تمام گھڻي مھانگائي عوام جو اڳ ۾ ئي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، وڌيڪ پريشان نہ ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي پاران خالد مقبول صديقي
0 تبصرے