English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ پاڻي بحران سنگين، هائيڊرنٽ پلانٽ ۽ ٽينڪر سسٽم ۾ ڪرپشن جا الزام
5 views
|
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ گذريل 5سالن کان پاڻي جي سخت کوٽ برقرار، علائقي واسي پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۾ گذريل پنجن سالن کان پاڻي جي سخت کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ پاڻي جي کوٽ سبب شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت بورنگ ڪرائي زميني پاڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڪثر علائقن مان کارو پاڻي نڪرڻ لڳو، جنهن کي به ماڻهن مجبوري ۾ غنيمت سمجهي استعمال ڪيو۔علائقي واسين موجب وقت گذرڻ سان گڏ زميني پاڻي جو ذخيرو به تيزي سان ختم ٿيڻ لڳو، جنهن سبب اڪثر بورنگ ناڪاره بڻجي ويا۔ ان صورتحال کان پوءِ ماڻهن کي مجبوراً هزارين رپيا ادا ڪري ٽينڪر ذريعي پاڻي خريد ڪرڻو پيو، جنهن سبب گهريلو خرچن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي۔ ان دوران گلشن حديد ڀرسان قائم هائيڊرنٽ پلانٽ بابت به ڪيترائي سوال سامهون اچي رهيا آهن مليل ڄاڻ موجب رڳون فيز ٽو ۾ 3267 گهر موجود آهن، جن مان جيڪڏهن 1633 گهرن کي بنياد بڻايو وڃي ۽ هر گهر کي مهيني ۾ ٽي ٽينڪر فراهم ڪيا وڃن ته رڳو هڪ مهيني ۾ لڳ ڀڳ 98 لک 1 هزار رپيا وصول ڪيا پيا وڃن۔ اهڙي ريت گذريل 9 مهينن دوران ڪروڙين رپين جي رقم گڏ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان رقم جي شفافيت ۽ حساب ڪتاب بابت شهرين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي۔ ذريعن موجب سرڪاري پرچي تي به في ٽينڪر 360 رپيا اضافي وصول ڪيا پيا وڃن، جنهن تي علائقي واسين تحفظات ظاهر ڪيا آهن۔ شهرين جو چوڻ آهي ته پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي ۽ عوام تي مسلسل مالي بار وڌي رهيو آهي۔ياد رهي ته ماضي ۾ ميئر ڪراچي طرفان لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پاڻي فراهمي جو منصوبو ڏنو ويو هو پر مقامي قيادت جي اختلافن ۽ بي ڌياني سبب اهو منصوبو ناڪام ٿي ويو ۽ علائقي واسين کي ڪو به فائدو نه ملي سگهيو۔ نئين ڄاڻ موجب لڳ ڀڳ 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان فلٽر پلانٽ ذريعي پاڻي جي پائيپ لائين وڇائڻ جي رٿا شروع ڪئي ويئي آهي، پر اها رٿا انتهائي سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن سبب شهرين ۾ مايوسي وڌي رهي آهي۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منصوبو بروقت مڪمل ڪيو وڃي ته پاڻي بحران تي قابو آڻي سگهجي ٿو۔شهرين حڪومت سنڌ، ميئر ڪراچي، واٽر ڪارپوريشن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گلشن حديد ۾ پاڻي جي مسئلي کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، منصوبن جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ علائقي کي مستقل بنيادن تي پائيپ لائين ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ٽينڪر مافيا جو خاتمو ٿي سگهي ۽ شهرين کي رليف ملي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Mar 2026
•
دنیا
اسرائیل کی جنگ کی قیمت پوری دنیا ادا کر رہی ہے: ترک صدر
25th Mar 2026
•
دنیا
کچھ ممالک نے حقیقی مدد کی، کچھ صرف بیانات تک محدود رہے“ ایرانی حملوں پر یو اے ای کا ردعمل
25th Mar 2026
•
دنیا
ایران کی جانب سے اسرائیل پر فائر کیے گئے میزائلوں پر اسپین کے وزیرِاعظم کی تصاویر! معاملہ کیا ہے؟
25th Mar 2026
•
تازہ ترین
”اپنی شکست کو معاہدہ نہ کہو، خطے سے امریکا کا نام و نشان مٹا دیں گے“ ایرانی فوج کا ٹرمپ کو پیغام
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران خالد مقبول صديقي جو 28 آئيني ترميم آڻڻ وارو مطالبو رد
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو جي اوپن ڊور پاليسي تحت عوامي مسئلن جي حل جو سلسلو جاري
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هر ماڻهو ٿليسميا ۾ مبتلا ٻارن ۽ مريضن جي زندگيون بچائڻ لاءِ بلڊ ڊونيشن مهم ۾ حصو وٺي: ڊي سي ٺٽو
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد مان ڇهين درجي جي شاگردياڻي پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد ۾ پاڻي بحران سنگين
0 تبصرے