محترمه جو خواب صدر آصف علي زرداري پورو ڪري ڏيکاريو آھي: سوڀوديرو ۾ بسپ آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب
ھڱورجا(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مھرين رزاق ڀٽو چيو آھي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ اهم فلاحي پروگرام آهي، جيڪو ملڪ جي لکين خاندانن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب ھيو ت غريب مستحق عورتن جي مالي سھائتا ٿيڻ گھرجي . محترمه جو او خواب صدر آصف علي زرداري پورو ڪري ڏيکاريو آھي سوڀوديرو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو خطاب ڪندي ۽ ھنڱورجا ۾ پارٽي ورڪرن جي گڏجاڻي جي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو چيو آھي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو مقصد غريب ۽ مستحق ماڻھن کي سندن در تي پنھنجن حق ڏيڻ آھي چيو ته هن آفيس جي قيام سان سوڀوديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي هاڻي ڊگهو سفر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، جنهن سان سندن وقت ۽ خرچ ٻنهي جي بچت ٿيندي۔ هنن وڌيڪ چيو ته اهڙن منصوبن سان عوام جو اعتماد حڪومت تي وڌندو ۽ سماجي تحفظ جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو ھن وڌيڪ چيو ت امريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ سبب خطي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي انھي جنگ سبب پيٽروليم جي قيمتون ۾ اضافو ٿيو آھي جنھن سان مھانگائي ۾ اضافو ٿيو آھي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو سان گڏ پ پ پ اڳواڻ غلام عباس راڄپر حاجي حسن منڱڻيجو عبدالغفار چانگ عزيز ميمڻ پڻ گڏ ھيا.
0 تبصرے