English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري واسي نوجوان جو مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج
93 views
|
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عرفان ڪنڀر پئسن جي معاملي تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: طارق علي ميمڻ
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي رهواسي طارق علي ميمڻ ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته عرفان ڪنڀر کيس پيسن جي معاملي تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. طارق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته هن گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ عرفان ڪنڀر کان پنج لک روپين ۾ مينهن خريد ڪئي هئي، پر ڪافي مهينا گذرڻ باوجود جڏهن هن پيسا واپس گهريا ته جوابدار ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون۔ هن چيو ته ان سلسلي ۾ هن 27 فيبروري 2026 تي ڏوڪري ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي. هن چيو ته عرفان ڪنڀر فون ذريعي به کيس ڌمڪائي رهيو آهي ۽ بيمار پي ميهر ڪنڀر جي نالي تي ڪوڙو ڪيس مڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اهو چوندي ته جيڪڏهن بيمار پي فوت ٿي ويو ته ان جو الزام مٿس هنيو ويندو. طارق علي ميمڻ چيو ته جوابدار کيس مسلسل هراسان ڪري رهيو آهي ۽ پيسا نه ڏيڻ تان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي عرفان ڪنڀر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري واسي نوجوان جو مبينا ڌمڪيون
0 تبصرے