ملير (عبدالرشيد مورجھريو)23 مارچ جي حوالي سان عيد جي ٽئين ڏينهن گڏاپ شهر ۾ پاڪستان سان محبت ۽ وفاداري جو اظهار ڪندي هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين، نوجوانن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي، جن پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻي پنهنجي قومي جذبي جو اظهار ڪيو. ريلي جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ زمان جوکيو، صدرالدين جوکيو ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي ملڪ سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي 23 مارچ جي اهميت تي روشني وڌي ۽ چيو ته هي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل حيثيت رکي ٿو، جنهن قوم کي هڪ نئون رخ ڏنو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. ريلي جي پڄاڻي تي مولانا پنهل جوکيو پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ خاص دعا گهري.
0 تبصرے