آمريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ سبب خطي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آھي: جاويد شاھ جيلاني

بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وقت جو نوجوان وزيراعظم ٿيندو، خيرپور ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي

آمريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ سبب خطي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آھي: جاويد شاھ جيلاني

ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني چيو آھي تہ آمريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ سبب خطي ۾ صورتحال اڃان خراب ٿيڻ جو خطرو آھي اھي جنگ جا ٻين ملڪن تي بہ ناڪاري اثر پوندا.اسان جي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌڻ سان مھانگائي وڌڻ جو خطرو موجود آھي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿي . بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وقت جو نوجوان وزيراعظم ٿيندو ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ زنوار امدادي سھتو ۾ پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر قربان علي سھتو پاران عيد ملن پارٽي واري تقريب کي خطاب ڪندي سيد جاويد علي شاھ جيلاني چيو تہ خيرپور ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي ڪنگري گمبٽ ۽ سوڀوديرو تعلقي ۾ روڊن جا ڪم ڪرايا آھي جلد زنوار امدادي سھتو لنڪ روڊ جو مرامتي ڪم هڻ ڪرايو ويندو جن چيو تہ اسان پارٽي ورڪرن سان ھرڏک سک ۾ گڏ آھيون ورڪر پارٽي جو سرمايو آھن تقريب ۾ پ پ اڳواڻ غلام عباس راڄپر. ضمير حسين ڪانھر.دوست محمد سھتو.حاجي حسن منڱڻيجو.گلزار سھتو ۽ عبدالغفار چانگ پڻ گڏ ھيا.