فطرت: انساني سمجهه جو پهريون ڪتاب

نادر علي جمالي

فطرت: انساني سمجهه جو پهريون ڪتاب

ايڪ قَصرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙ کيون،
جيڏانهن ڪريان پَرکَ، تيڏانهن صاحبُ سامُهون.
(شاهه سائين)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سندس ڪتاب ”فلسفو: هڪ مطالعو“ ۾ لکيو آهي ته: ”انسان جڏهن غارن، ٻيلن ۽ برپٽن ۾ زندگيءَ گذاريندو هو، تڏهن به سندس چوڌاري ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جا اسرار پکڙيل هئا. سندس زندگي سخت پورهيي، ڏيکيائين، مصيبتن ۽ ڪٺن ڪشالن جي زندگي هئي. سک ۽ ڏک، خوشي ۽ غم، اميد ۽ مايوسي، سوڀ ۽ شڪست، بي فڪري ۽ ڳڻتي سندس جياپي سان ڳنڍيون منجهه ڳنڍير ٿي رهيون آهن. ڪنهن حد تائين اڄ سُوڌو ايئن آهي. انهيءَ زماني ۾ ۽ اڄ به انسان قدرت، ڌرتي، انسان ۽ حياتيءَ جي لقائن کي، انهن جي اندروني فطرت موجب سمجهڻ ۽ پُرجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، پر اڄ هُو علم جي دولت سان مالامال آهي. هڪ طرف هو ايٽم جهڙي معمولي ذرڙي اندر پيهي ويو آهي ته ٻي طرف وشال جا اچرج ۾ وجهندڙ اسرار پيو پڌرا ڪري.
انهيءَ ۾ ڪوبه سڪ ناهي ته انسان اڻڄاتل مُدي کان پنهنجي وجود جي معنيٰ ۽ مقصد تي غور پئي ڪيو آهي. انسان جيڪو پنهنجي جياپي ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، جنهن جون سرگرميون مقصد ڀريون آهن، جيڪو سمجهه ڀريو عمل ڪندو رهيو آهي، اهو انسان پنهنجي هر جدوجهد، سرگرمي، عمل جو خاطر خواهه نتيجو ڏسڻ چاهي ٿو. انهيءَ جي لاءِ لازم ٿي پيو آهي ته هُو حقيقتن کان چڱيءَ طرح واقف هجي. ڪائنات، قدرت، مادي جون حقيقتون؛ سماج، سماجي زندگيءَ، سماجي سرگرميءَ، سماجي لاڳاپن، سماجي شعور جون حقيقتون، انساني ذهن، خيال، تصور، روح، سوچ سمجهه، جذبي، خواهش، شعور جون حقيقتون ۽ سُونهن، سچ، خوشيءَ ۽ آزاديءَ جون حقيقتون. ڪابه حقيقت، ڪوبه معاملو يا واقعو تيستائين سمجهي نه ٿو سگهجي جيستائين ان جي باري ۾ جاهلاڻو رويوو ۽ انڌو عقيدو پاسي رکي ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وڃي. ڄاڻ جا خزانا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪُنجين جي ضرورت پوي ٿي ۽ انسانذات جيڪي اهڙيون ڪنجيون ٺاهي ورتيون آهن، اهي آهن ڇو، ڇا، ڇا لاءِ، ڪڏهن، ڪيئن، ڪٿي؛ ڪير، ڪنهن، ڪنهن لاءِ؛ ڪيترو، ڪهڙو وغيره. اهي ئي ڪنجيون آهن جن لکين لقاءُ، اڻ ڳڻيا اسرار ۽ بي شمار رمزون کولي پڌريون ڪيون ۽ انهن کي پيرهائتي نموني سمجهڻ ۾ مدد ڏني.“
شبنم گل سندس ڪتاب ”خود شناسي جو جوهر“ ۾ لکيو آهي ته:
”سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ رهڻ جو موقعو ملڻ سبب، مشاهدي ۾ گهڻيون شيون اينديون رهيون. سنڌي ماڻهن جي خوشين، خوابن ۽ ڀوڳنائن کي ويجهو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته هي ماڻهو محبت ڪرڻ وارا ۽ مهمان نواز آهن. هي پرڳڻو، گهڻ پاسائون ۽ گهڻ رخو ثقافتي مرڪز، معتدل موسم ۽ وسيلن سان مالا مال هئڻ ڪري ٻاهرين قومن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. انگريزن اچي هن خطي جي ٻولي، ادب ۽ ثقافت ۾ دلچسپي ورتي، پر هتي جو ماڻهو پنهنجي خطي جي تاريخي، جاگرافيائي اهميت ۽ فن و فڪر کان ايترو آگاهه نه ٿو ڏسجي، جيتري ٻاهرين دنيا!
دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، اها سدائين تبديل ٿيندي رهندي. نواڻ يا بدلجڻ فطري امر آهي، پر ڏسڻو اهو پوندو ته اهي تبديليون اسان يج خطي جي مزاج مطابق آهن يا نه، ڇو ته گلوبلائيزيشن جو پهريون وار ٻوليءَ ۽ ثقافت تي ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي بگاڙ کانپوءِ رهڻي ڪهڻي، لباس ۽ ريتون رسمون متاثر ٿينديون آهن. نئين دور جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن ظاهري ڏيک تبديل ڪيون ٿا ته ٺيڪ آهي، پر اندريون روح ته ساڳيو هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪنداسين ته جيستائين ان محبت ۾ روح جي تاثير شامل نه هوندي ته اها محبت خالي محسوس ٿيندي. خالي ڳالهيون عمل جي اثر کان محروم ٿين ٿيون.
ڪاليج جي زماني کان لکڻ شروع ڪيو. لکڻ لاءِ اُتساهه سفر ۽ سماجي و سياسي حالتن کان مليو. والد ڊاڪٽر هو، ان ڪري بن ٽن سالن کانپوءِ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ يا شهر ڏانهن بدلي ٿي ويندي هئي. انهن شهرن ۾ سجاول، سيوهڻ، جوهي، مڪلي، ڄامشورو ڪالوني، حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر شامل آهن. شهر شخصيت جيان ٿين ٿا، انهن جو ماحول، لباس هجي ڄڻ مزاج روح جيان محسوس ٿيو. ڪنهن ڪڏهن سوال ڪيو ته شهرن جي شخصيت به ٿيندي آهي ڇا ؟ ان خيال سان سهمت نه آهيان. مٽي به ساهوارن جيان محسوس ٿئي ٿي. زمين، زرخيزي، واڌويجهه ۽ نتيجن جي طاقت رکي ٿي، جيڪي خاصيتون انسانن ۾ به ٿين ٿيون. ساڳيءَ ريت هر خطي جي مٽي، واريءَ جو مختلف قسم ۽ اثر ٿئي ٿو. شين جي قسم، ساخت ۽ اثر انهن جي انفراديت جي درجه بندي ڪري ٿو.اهي سمورا خطا مون کي دلچسپ لڳا. مون انهن کي ڪنهن ڪتاب جيان پڙهيو ۽ هنئين سان هنڊايو. سيوهڻ جو شهر نه وسرڻ جهڙو عجيب شهر آهي. پهرين علمي درسگاهه، مضافاتي شهر، جنهن جا رنگ، وقت جي مختلف پهرن ۾ عجب ڏيک ڏيندا آهن. ڀڳي ٺوڙهي جا پهاڙ، واچوڙي کانپوءِ مون لاءِ سوچ جو ٻيو تحرڪ کڻي آيا. اهي پهاڙ هزارين سال پراڻا آهن، جن جي سيني ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا انيڪ راز دفن هوندا. قلندر شهباز جي مزار جا رنگ ئي عجب هئا. اگر بتين ۽ گلن جي سُرهاڻ ۽ پهرين ڌمال جو مشاهدو انتهائي منفرد هو. شين جي ٿيڻ ۾ ڪو جواز نه هوندي به سحر انگيزي آهي. غور طلب! مون کي اڄ به ياد آهن، جوهي شهر ۾ اٿندڙ مٽيءَ جا واچوڙا، جن کي ڏسي ننڍپڻ ۾ ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿندا هئا. عورتون چونديون هيون ته: ”انهن واچوڙن ۾ جن لڪل هوندا آهن.“ واقعي محسوس به اهو ئي ٿيندو هو، ڄڻ ڪا غير مرئي طاقت لڪل آهي، جا مٽيءَ ۾ پئي ٿي ڦري. مٽي به رقص ڪري ٿي. ان واچوڙي منهنجي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي ڪجهه دريافت ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن منهنجي لاءِ اها ٽرين اهم هوندي هئي، جنهن ۾ سفر ڪري ناناڻي ڳوٺ پهچندا هئاسين. مختلف ماڻهن جي ملڻ جو اُتساهه ۽ ميڙ ۾ هڪ طاقت اُسرندي محسوس ٿيندي هئي. خاموش ۽ گهايل احساس جي طاقت! اهي مزارون سنڌ جي عورتن لاءِ تبديليءَ جو مرڪز رهيون آهن، جن کي گهرن جي گهٽيل ماحول ۽ مسئلن کان ڪا وٿي ملي ٿي. سنڌ جي هر مزار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مختلف مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن جي تڪليف جو احساس به ٿيو. حقيقت اها آهي ته هوش مند ماڻهن کان وڌيڪ چريا، مجذوب ۽ ديوانا چڱا آهن، جن جي خاص ڳالهه بنا ڪنهن نقاب جي اصلي شخصيت آهي. هوش مند ماڻهو جي شخصيت الائي ته ڪيترن نقابن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي. اهڙي هر ماڻهوءَ ۾ انتها جي شعوري بيچيني محسوس ٿي. عجيب وهم وسوسا، خوف، احساس محرومي، احساس برتري ۽ مزاج جون خرابيون ڏٺيون، جن کي لفطن جي خوشنما نقاب ۾ لڪايو وڃي ٿو.فرد جو سٺو نظر اچڻ هڪ معاشرتي مجبوري آهي. بجاءِ جو اسان ڪو نقاب پهريون، ڇو ته مزاج جي ان عدم توازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، ان جو حل ڳوليون. هڪ وڻندڙ ۽ مزاج جي اعتدال تي بيٺل انسان زندهه دل، ذهني وسعت رکندڙ ۽ خوش مزاج انسان ٿئي ٿو، هو هر ڪنهن جي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ سان گڏ، هر وقت ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نظر ايندو. هڪ روشن خيال، ملنسار، اخوت ۽ ڀائيچاري تي ويساهه رکندڙ فرد، هر سماج جي اهم ضرورت ٿئي ٿو. جڏهن ته ضدي، چيڙاڪ، حاسد، خود پرست ۽ مغرور ماڻهو جتي ٻين لاءِ عذاب هوندا آهن ته اتي پنهنجي ذات لاءِ به آزمائش ٿين ٿا. هو ميڙ ۾ سدائين اڪيلا ملندا. اها انفراديت پسندي ۽ ڪامليت جي دعويٰ ئي وڏي ذهني بيماري آهي.
فطرت جي زندگيءَ کي ڏسو، جتي هر شيءِ پنهنجي وقت سان واڌ ويجهه جي عمل مان گذري ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته انسان ميوي پچڻ جو انتظار نه ڪري ۽ ان ۾ ڪو ڪيميڪل ملائي، ان کي وقت کان اڳي پچائي، راس ڪري، مارڪيٽ ۾ کڻي اچي. اها بي حسي ۽ خالص شين سان ملاوٽ صل مسئلن جي جڙ آهي. اهڙا ميوا واپرائي، انسان بيماريون پرائي ٿو. اڳي ڪم ۽ ڪرت سان انسان جا اخلاقي قدر وابسته هوندا هئا. اڳي پوکي ڪندڙ مارڪيٽ تائين سٺيون ۽ زندگيءَ بخش شيون پهچائيندو هو، جيئن خوشي ۽ خوشحالي ورهائي. اهو پيشو يا ڪرت جنهن ۾ رزق جو سلسلو جڙيل هجي، توانائي جي ڏي وٺ جو مرڪز رهي ٿو. مثال ڪو دوڪاندار سٺي ۽ صحت بخش شيءِ عام ماڻهن تائين پهچائيندو ته اُها خوشي ۽ صحت جون لهرون واپس کيس موٽي ملنديون. ڏاهن چواڻيءَ ته: ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“ واري اصول تحت شيون رد عمل جي مرڪز ڏانهن موٽ کائين ٿيون. اها موٽ فقط طبعي دنيا تائين محدود ناهي، پر احساساتي ۽ ڪائناتي وارتا پڻ آهي.اول ماڻهوءَ کي اهو طئي ڪرڻو پُوندو هو ته هو ٻين کي ڇا پيو ڏئي. ڪهڙي سوچ، ڪهڙا لفظ ۽ خيال پيو ورهائي، پوءِ کيس احساس ٿيندو هو ته ارادو يا نيت، هو جيڪو لفظن جي صورت ۾ ورهائي ٿو، اهو وري کيس واپس موٽي ملي ٿو. هنن مضمونن ۾ پڙهندڙن کي اها ساڳي ڪيفيت نظر ايندي. شين جي پاڻ ۾ هم آهنگيءَ تحت هلڻ يا غير موافق هئڻ جي صورت ۾ سهيڙڻ، تعلق جي نوعيت سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ سنوارڻ، غير محسوس روين ۽ وارتائن جو ادراڪ ڪرڻ. وجود، فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ، ان وسيلي نتيجا اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ذهني سجاڳي آهي.اها حقيقت آهي ته سمجهه ۽ محسوس ڪرڻ جا پيمانا جدا آهن. جيئن سج جي روشني هر ڪنهن لاءِ ساڳي اهميت نه ٿي رکي. ڪي ماڻهو سج جي روشنيءَ ۾ خائف نظر ايندا ۽ رات ٿيندي ئي پرسڪون ٿي ويندا آهن.
ساڳيءَ ريت اونداهيءَ جو پنهنجو ڪارج آهي. رات جو گهڻن ماڻهن جو ساهه منجهندو آهي، ڇو ته ڪارو رنگ مايوسيءَ ورهائي ٿو. ڪيفيت بدلجڻ سان جسماني نظام جي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق ظاهر ٿئي ٿو.ٻي ڳالهه اها آهي ته سوچ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز سٺا يا برا نتيجا اخذ ڪرائي ٿو. ماڻهن لاءِ شيون يا ته خراب آهن يا سٺيون آهن، پر هنن ڪڏهن به اها ڳالهه نه سوچي هوندي ته سندس سوچ يا ذهن، شين لاءِ جيڪو تاثر يا معيار قائم ڪري ٿو، ان جو بنيادي سبب سندن سوچ جو انداز آهي. انسان جي سمجهه/ادراڪ Perception سندس ذهني ڪيفيت جو آئينو آهي. ڪيفيت جي بدلجڻ سان سندس پرک جو پيمانو به تبديل ٿيندو، ڪابه صورتحال مستقل يا حقيقي ناهي ٿيندي.
مون لاءِ فطرت، انساني سمجهه جو اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو هڪ قدرتي تربيتي ادارو آهي، جنهن جي آڏو ڊگرين ۽ سندن جي به ڪا وڏي اهميت نه هوندي.ک اهميت ان علم جي آهي، جنهن ۾ عمل جي طاقت پوشيده هجي. دناوي علم فائدي جي هڪ صورت آهي، جنهن سان غرض جون مختلف ڪڙيون ٻڌل آهن، پر فطرت مان حاصل ڪيل سمجهه ۽ سکيا، منفي سوچ ۽ روين کان آجي هوندي آهي. فطرت جا مختلف ڪارج آهن، جيڪا غذا جي صورت ۾ توانائي، دوست جي روپ ۾ آٿت ۽ ڏاهي جي ويس ۾ توازن سيکاري ٿي.
دنيا جون مختلف قومون نباتات جي پوڄا ڪنديون آهن. پنهنجو جسماني ۽ روحاني علاج به ان قدرتي مسيحا کان حاصل ڪن ٿيون. پر اسان ساوڪ ۽ فطري مظهرن جي معجزاتي اثر کان اڻ واقف آهيون. مثال وهندڙ پاڻي جي قوت، پهاڙن جي سانت ۾ لڪل روحاني رمز، آسمان جي رنگن جو مزاج تي پوندڙ اثر، اُس جي ڀاڪر جي گرمي، ڀٽن جي ڀرسان اسرندڙ تنهائيءَ جي طاقت،ل ڪنهن صوفي جي ڪرشماتي سوچ کان گهٽ ڪونهي.“ شِو کيڙا سندس جڳ مشهور ڪتاب “You Can Win” ”توهان کٽي سگهو ٿا“ ۾ ”فطرت کان سکو“ جي موضوع بابت لکيو آهي ته: ”اسان کي فطرت کان سکڻ جي ضرورت آهي. ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن بدڪ کي ترندي ڏٺو آهي ؟ سندس پير مسلسل پاڻي ۾ هوندا آهن جيڪي حرڪت ۾ ته هوندا آهن، پر پاڻي مٿان سندس جسم ڏاڍو پرسڪون هوندو آهي.
هڪ دفعو عظيم وائلن نواز ڪرائيزلو هڪڙي محفل ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو مڪمل ڪيو ته هڪ ماڻهو جذباتي ٿي اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ ڪرائيزلر کي چيائين ته ”توهان جهڙيءَ ريت وائلن وڄايو ٿا اهو فن سکڻ لاءِ مان پنهنجي زندگي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ ڪرائيزلر مُسڪرائيندي چيس ته: ”مان پاڻ اِن فن کي زندگي ڏئي چڪو آهيان.“ دنيا ۾ اهڙي ڪابه جادو جي لٺ ڪونه آهي جيڪا ڪاميابي ڏياري. حقيقي دنيا ۾ ڪاميابي ڪم ڪندڙ ۽ محنتي ماڻهن کي ملندي آهي. رڳو تماشو ڏسندڙن کي نه. جيڪو گهوڙو رٿ هلائي سگهي ٿو اهو لت نٿو هڻي سگهي ۽ جيڪو گهوڙو لت هڻندو آهي اُهو رٿ هلائي ڪونه سگهندو آهي. ان ڪري اچو ته لتون هڻڻ ڇڏي رٿ هلائڻ شروع ڪريون. محنت کانسواءِ ڪابه ڪاميابيءَ ڪونه ٿي ملي سگهي، فطرت پکين کي خوراڪ ته ڏئي ٿي پر اُها خوراڪ هو سندن آکيرن ۾ نٿي رکي وڃي. پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري ڪابه شيءِ آسانيءَ سان حاصل ڪونه ٿيندي آهي.