ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

اجلاس ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ حساس ادارن جا اهلڪار به شريڪ

ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

نوشهرو فيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ انتها پسندي جي خاتمي بابت قائم ضلعي ڪاميٽي جي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ حساس ادارن جا اهلڪار، روينيو، سوشل ويلفيئر،ايڪسائير اينڊ ٽيڪسيشن،پاڪستان ڪسٽمز، تعليم،پوليس،اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪميٽي جي سڀني ميمبرن کي ضلعي ۾ امن و امان کي برقرار رکڻ ، غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ ۽ ضلعي ۾ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي مثبت رخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀئي لاڳاپيل کاتا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن تعليم کاتي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرن کي چيو تہ اھي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ مختلف تعليمي ادارن ۾ سيمينار منعقد ڪن، هن چيو ته انتها پسندي جي خاتمي لاءِ تعليم ۽ اسپورٽس کاتي پاران ميراٿن ريس ۽ ٻين مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن .هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ صحافي، سوشل ميڊيا ورڪر ۽ ليکڪ مذهبي، قومي ۽ فرقيوارانه انتها پسندي جي خاتمي لاءِ پنهنجي قلم ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيبل آپريٽر انتها پسندي وارو مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجن علائقن ۾ غير قانوني سرگرمين ۽ انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ضلعي ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ضلعي اندر مثبت ۽ تعميري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن خلاف ٿيندڙ تشدد ، استحصال ۽ نفرت انگيز رويي کي روڪڻ لاءِ پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آگاهي فراهم ڪئي وڃي.