ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس

اجلاس ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، تعليم کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ 2ـ فيبروري 2026 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت هڪ اهم اجلاس دربار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صحت کاتي سميت ضلعي انتظاميا، پوليس، تعليم کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو تہ پوليو جهڙي موذي مرض جو مڪمل خاتمو ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آھي جنھن لاءِ سمورن ادارن کي گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻو پوندو. ھُن صحت کاتي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته ھو پاڻ ۾ هم آهنگي سان ڪم ڪن ۽ مھم کي سو فیصد ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين. ھُن چيو تہ پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي تہ جئين ڪوبہ ٻار ڦڙا پيئڻ کان رھجي نہ وڃي. ڊپٽي ڪمشنر يو سي سيڪريٽريز ۽ تپيدارن کي به سختي سان هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حدن جا بارڊر مڪمل طور تي ڪليئر ڪرائيڻ ۾ پوليو ٽيمن جي ڀرپور مدد ڪن تہ جيئن مهم کي اثرائتو بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته حضرت عبدالله شاه اصحابي ۽ شاه مراد شيرازي جي ميلن دوران وڏي تعداد ۾ ايندڙ زائرين جي ٻارڙن کي بہ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيون وڃن. ان کان اڳ لاڳاپيل عملدارن پاران ايندڙ پوليو مهم دوران ٽيمن جي جوڙجڪ، ٽريننگ، ويڪسين جي دستيابي، سيڪيورٽي انتظامن، مانيٽرنگ ميڪينزم ۽ لاجسٽڪ سهولتن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ڊي ايڇ او ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ سول اسپتال ٺٽو پهچي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو باضابطه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پوليو بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ واڪ پڻ ڪئي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر والدين تي زور ڀريو تہ ھو پنھنجي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ٻہ ڦڙا لازمي پياري ھن خطرناڪ بيماري کان محفوظ بڻائين. ريلي ۾ ڊاڪٽرن، صحت کاتي جي عملي ۽ شهرين شرڪت ڪئي.