English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
273 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، تعليم کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ 2ـ فيبروري 2026 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت هڪ اهم اجلاس دربار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صحت کاتي سميت ضلعي انتظاميا، پوليس، تعليم کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو تہ پوليو جهڙي موذي مرض جو مڪمل خاتمو ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آھي جنھن لاءِ سمورن ادارن کي گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻو پوندو. ھُن صحت کاتي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته ھو پاڻ ۾ هم آهنگي سان ڪم ڪن ۽ مھم کي سو فیصد ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين. ھُن چيو تہ پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي تہ جئين ڪوبہ ٻار ڦڙا پيئڻ کان رھجي نہ وڃي. ڊپٽي ڪمشنر يو سي سيڪريٽريز ۽ تپيدارن کي به سختي سان هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حدن جا بارڊر مڪمل طور تي ڪليئر ڪرائيڻ ۾ پوليو ٽيمن جي ڀرپور مدد ڪن تہ جيئن مهم کي اثرائتو بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته حضرت عبدالله شاه اصحابي ۽ شاه مراد شيرازي جي ميلن دوران وڏي تعداد ۾ ايندڙ زائرين جي ٻارڙن کي بہ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيون وڃن. ان کان اڳ لاڳاپيل عملدارن پاران ايندڙ پوليو مهم دوران ٽيمن جي جوڙجڪ، ٽريننگ، ويڪسين جي دستيابي، سيڪيورٽي انتظامن، مانيٽرنگ ميڪينزم ۽ لاجسٽڪ سهولتن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ڊي ايڇ او ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ سول اسپتال ٺٽو پهچي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو باضابطه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پوليو بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ واڪ پڻ ڪئي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر والدين تي زور ڀريو تہ ھو پنھنجي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ٻہ ڦڙا لازمي پياري ھن خطرناڪ بيماري کان محفوظ بڻائين. ريلي ۾ ڊاڪٽرن، صحت کاتي جي عملي ۽ شهرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے