English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا پريس ڪلب پاران ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو جي ٻي ورسي ملھائي وئي
3 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڀائو ذلف پيرزادو سنڌ جي صحافتي ڪيريئر جو مزاحمتي ڪردار ھيو: غلام حسين چانگ ۽ ٻيا
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا پريس ڪلب پاران ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو جي ٻي ورسي ملھائي وئي.ورسي تقريب جي صدارت صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي غلام حسين چانگ چيو ته ذلف پيرزادو سنڌ جي صحافتي ڪيريئر جو مزاحمتي ڪردار ھيو. ھن چيو ته ھو ڪميٽيڊ صحافي ۽ پورھيت دوست مضبوط آواز ھيو.سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ضمير سھتو رڪراڻي چيو ته ذلف بنيادي طور ھڪ برجستو سياسي ڪارڪن ھيو کاٻي ڌر سان تعلق ھجڻ ڪري سندس تربيت وطن ۽ پورھيت دوستي واري ھئي.ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان سھتو چيو ته ڀائو ذلف پيرزادو پنهنجي شخصيت ۾ سچو کرو ۽ ايماندار انسان ھيو ھميشه سندس قول ۽ فعل ۾ ھم آھنگي رھي.ھن ھميشه اصولن واري زندگي گذاري. محمد مٺل تنيو چيو ته ڀائو ذلف ڪمال جو انسان ھيو جنهن مظلوم ۽ محڪومن جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچايو صحافي اتحاد تعلقي سوڀوديرو جي جنرل سيڪريٽري شمس الدين راڄپر چيو ته ذلف پنهنجي سموري زندگي صحافت کي ڏني کيس ھميشه ياد رکيو ويندو. تقريب دوران ناليواري راڳي فياض شيخ ڪلام ٻڌائي واھ واھ ڪرائي.پروگرام ۾ ھنڱورجا پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اعجاز علي ھرياھ , قاصد الله آرائين, عابد حسين سولنگي,ظفر آزاد صديقي,علي داد راڄپر,گلزار سھتو,سجاد آرائين,محمد شريف شيخ, معشوق منڱڻيجو, افتخار چنو,عبدالقادر راڄپر ۽ ٻين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
ہرن کھڑکی توڑ کر بینک میں گھس گیا
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
اب انسان کی عمر 150 سال تک پہنچ سکتی ہے
30th Jan 2026
•
دنیا
عالمی سیکیورٹی پر خطرے کی گھنٹی: افغان طالبان دہشت گردی کے مرکز کے طور پر بے نقاب
30th Jan 2026
•
شوبز
جویریہ عباسی نے شوہر کے ساتھ بولڈ فوٹو شوٹ کر کے سوشل میڈیا پر ہنگامہ مچا دیا
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا پريس ڪلب
ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو
0 تبصرے