ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سان ملاقات هڪ پيار ڀريو سفر آهي

صوفي رحمان

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سان ملاقات هڪ پيار ڀريو سفر آهي

جڏهن منهنجي محبوب اڳواڻ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي وطن پاڪستان آيو، ته منهنجي دل ۾ صرف هڪ خواهش هئي ته ڪنهن طرح ساڻس ملاقات ڪريان. ان مقصد لاءِ، مون ڪا به ڪسر نه ڇڏي. مون بار بار پنهنجن سڀني صحافي دوستن، سماجي ڪارڪنن ۽ ويجهن دوستن کي درخواست ڪئي ته ڪنهن طرح مون کي جونيئر صاحب سان ملاقات ڪرايو ٽائيم وٺي ڏيو آئون ملاقات ڪيانس ، پر گهڻي وقت تائين اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. ڪجهه وقت لاءِ، مان مايوس به ٿيس. پوءِ فيس بڪ تي هڪ ڏينهن، منهنجي نظر سعيد مراد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي هڪ تصوير تي پئي. جيئن ئي مون تصوير ڏٺي، مون فوري طور تي سعيد مراد کي فون ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته مان جونيئر صاحب سان ملڻ چاهيان ٿو. مون کيس ٻڌايو ته مون ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطو ڪيو آهي پر اڃا تائين ڪا به ملاقات ممڪن نه ٿي سگهي آهي. پوءِ سعيد مراد مون کي تسلي ڏني ۽ چيو ته توهان بي فڪر ٿيو ڏسون ٿا آسرو ڏنو چيائين ته ڪجهه ڪيان ٿو ڀلا جئين توهان جونيئر صاحب سان ملاقات ڪري سگهو ۽ ٻن ڏينهن بعد سعيد مراد مون کي فون ڪئي ۽ هن مون کي هڪ نمبر ڏنو ۽ چيو ته هن شخص سان رابطو ڪريو، شايد هو توهان جي جونيئر صاحب سان ملاقات لاءِ مدد ڪري سگهي. اهو نمبر شاهنواز بلوچ جو هيو . مون فوري طور تي هن سان رابطو ڪيو. شاهنواز بلوچ تمام خوشگوار انداز ۾ ڳالهايو ۽ چيو ته توهان خميس جي شام 4:30 وڳي 70 ڪلفٽن هائوس هليا اچو . خميس واري ڏينهن منهنجي لاءِ بي صبري محبوب سان ملاقات جي تڙپ هئي. منجهند جي لڳ ڀڳ، مان 70 ڪلفٽن جي پويان واقع هڪ پارڪ ۾ پهتس بس پوءِ ٽائيم گذرڻ جو انتظار هيو . شام 4:30 وڳي، مان 70 ڪلفٽن جي مين گيٽ تي پهتس ۽ اتي سامهون ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. اهو منظر ڏسي، خوش ٿيس ته 70 ڪلفٽن جي رونڪ وري هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿي وئي ۽ منهنجي اکين مان خوشي جا ڳوڙها بي قابو ٿي ويا. مان به تمام گهڻو خوش هئس ۽ پوءِ. جڏهن مان پنهنجي پياري قائد ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي سامهون پهتس، ته مان تمام گهڻو پريشان ٿي ويس. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا چوان ۽ ڪٿان ڳالهه ٻولهه شروع ڪريان. منهنجي دل تيز ڌڙڪي رهي هئي ۽ لفظن ساٿ نه پئي ڏنو پر جيئن ئي پنهنجي قائد ملاقات ٿي هٿ ملايو بس پو اهو منظر مختلف هئا دل باگ بہار ٿي وئي . جونيئر صاحب وڏي پيار، احترام ۽ خلوص سان ڳالھ ٻولهه ڪئي قرب ڏنو سندس جي اهڙي قربدار رويي مون کي سندس ديوانو بڻائي ڇڏيو. هن ملاقات کان پوءِ شاهنواز بلوچ سان منهنجو تعلق آهستي آهستي مضبوط ٿيندو ويو. ملاقاتون به معمول بڻجي ويون جتي به جونيئر صاحب جو پروگرام هوندو هو، مان اتي مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ يا هڪ ڪلاڪ اڳ پهچي ويندو هوس. اهڙي طرح ملاقاتن جو سلسلو وڌندو رهيو. الله تعاليٰ اسان جي محبت، خلوص ۽ سچائي جو بدلو ڏنو ۽ اڄ، الحمدالله، مون کي ڪيترائي ڀيرا ساڻس گڏ ويهڻ، چانهه پيئڻ ۽ ڳالھ ٻولهه جو موقعو مليو آهي. اهو منهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مون کي پنهنجي محبوب اڳواڻ جي ويجهو رهڻ جو شرف حاصل آهي.