ٻسٽان اسڪول جو آفتاب مين آف دي ميچ ۽ قاضي سلطان اسڪول جو سعيد آرائين ميدن آف دي سيريز قرار
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري جي اسڪولن جو ٿيل انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٻسٽان جي ٽيم شاندار مقابلو ڪري پنھنجي نالي ڪري ورتو، ٽرافين ۽ انعامن سان ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي وئي. جوش، جذبو ۽ نعريبازي. تفصيل موجب ڪنري شھر جي رحمت ڪالوني گرائونڊ گورنمينٽ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي نالي سان اسڪولن وچ ۾ ٿيل ڪرڪيٽ جو شاندار ميلو پڄاڻي تي پھتو. ٽن ڏينھن جي ٿيل ٽورنامينٽ ۾ مختلف اسڪولن جي 16 ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز لائير اسڪول ٻسٽان وچ ۾ کيڏيو ويو، بوائز اسڪول ٻسٽان جي ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. سندس مقابلي ۾ قاضي سلطان اسڪول جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 91 رنسون ٺاهي هارجي وئي. ٻسٽان اسڪول جي رانديگر آفتاب کي مين آف دي ميچ ۽ قاضي سلطان اسڪول جي رانديگر سعيد آرائين کي ميدن آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ميدان ۾ ڪرڪيٽ جي جوش، جذبي ۽ نعريبازي سان گڏ تماشائين جو وڏو انگ پڻ موجود هو،ميچ دوران رانديگرن شاندار بيٽنگ، بهترين بالنگ ۽ ڀرپور فيلڊنگ جو مظاهرو ڪيو. جنهن سبب مقابلا انتهائي دلچسپ بڻجي ويا۔ هر ٽيم فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندي نظر آئي. ان موقعي تي فائنل جي مھمان خاص ٽائون ڪميٽي ڪنري جي چيئرمين حاجي شڪيل باجوا، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر علي احمد ڀنڀرو، يوسي نبي سر ٿر جي چيئرمين امير حسن خاصخيلي، منظور نون، فضل عمر جي پرنسپال سيد محبوب شاھ، قاضي سلطان جي پرنسپال رحمت الله لاشاري، عبدالمجيد ڀٽي سميت استادن، شھرين، ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ اسڪولي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر سيد محبوب شاھ، استادن ۽ معزز ماڻھن جو چوڻ ھو ته اسان جو مقصد نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي اڳيان آڻڻ آهي۔ اهڙا ٽورنامينٽ شاگردن ۾ نظم و ضبط، محنت ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏين ٿا، هنن چيو ته ڪنري جھڙي شھر ۾ ڪرڪيٽ جا گرائونڊ آباد ڪرڻ سان سماجي براين ۾ گھٽتائي ايندا اھڙا پروگرام ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي اتساھ ڏيڻ ۽ صحتمند سرگرمين ڏانھن آڻڻ آھي، اھڙو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ نه رڳو راندين جي واڌاري لاءِ اهم قدم آهي، پر نوجوان نسل کي منفي سرگرمين کان بچائي مثبت رستي تي آڻڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسڪولي رانديگر ٻڌايو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اسان کي اهڙي ٽورنامينٽ ۾ کيڏڻ جو موقعو مليو، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي اسڪول جو نالو روشن ڪريون، ٽورنامينٽ جي آخري ۾ ڪامياب ٽيمن ۽ نمايان رانديگرن کي ٽرافيون ۽ انعام پڻ ڏنا ويا.
0 تبصرے