مورو ويجهو نوان جتوئي واسين جو پوليس خلاف احتجاج

مورو ويجهو نوان جتوئي واسين جو پوليس خلاف احتجاج

مورو(جاني جماڻي) مورو ويجھو نوان جتوئي جي رهواسي محبوب علي کوسو علي انور کوسو، عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي ھنن چيو ته اسان جي چاچي کي 4 مهينا اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جنھن جو ڪيس نوان جتوئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايل آھي. گذريل ڏينھن ملوث جوابدارن گھرن تي حملو ڪري ھٿيارن جي زور تي عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آھي ھنن الزام ھڻندي چيو ته حملو ڪندڙ نثار کوسو، منٺار کوسو، لونگ کوسو، اعجاز کوسو، آصف کوسو، سڪندر کوسو هٿيار جي زور تي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چيو ته خون جي ڪيس تان هٿ ڪڻو نه ته توهان کي به ماري ڇڏينداسين.هن واقعي کانپوءِ متاثرين نثار منٺار ۽ لونگ اعجاز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ نوان جتوئي جي ايس ايڇ او جميل سولنگي وٽ وياسين پر ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.احتجاج ڪندڙ عورت نصيبان، عزيزان، مسمات پٺاڻي روئيندي ٻڌايو ته اسان جي ڀائرن محبوب علي، انور علي کوسو ۽ اسان سان جيڪو ڪجھ ٿيو آهي، اهو نثار کوسو، منٺار کوسو، لونگ کوسو ذميوار آهي.مظاھرين ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو ۽ اي ايس پي مورو محمد آصف کرل کي اپيل ٿا ڪيون ته مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.