English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اي ايس پي گمبٽ جي ھنڱورجا ٿاڻي تي کليل ڪچھري، شهرين پاران پوليس خلاف شڪايتون
105 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شھرين اي ايس پي آڏو وڌندڙ بدامني .رشوت خوري.پوليس جي ظلم خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا
ھڱورجا(رپورٽر)اي ايس پي گمبٽ جي ھنڱورجا ٿاڻي تي کليل ڪچھري شھرين بدامني .رشوت خوري.پوليس جي ظلم خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا . پوليس جي نفري جي کوٽ جي پڻ شڪايت.پيرسن زال سميت رڙيون ڪندو پھتو.نوجوان ٽڪ ٽاڪر ٻي دانھن کڻي کليل ڪچھري ۾ پھچي ويو . اي ايس پي پاران شڪايتون ٻڌي انھن مان ڪجھ شڪايتن جا ٿڏي تي حڪم جاري ڪيو باقي شڪايتن کي فوري حل ڪرڻ جي جي يقين ڌياني ڪرائي ڇڏي . تفصيل موجب ھنڱورجا ۾ پھريون ڀيرو عوامي شڪايتون ٻڌڻ لاء اي ايس پي گمبٽ عبدالله افضل گجر پاران ٿاڻي تي کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي.کليل ڪچھري ۾ مختلف علائقن کان آيل ماڻھن پوليس جي ظلمن.رشوت خوري.چورين سميت شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا دوڪاندار خادم چانگ شڪايت ڪئي تہ ھٿياربند موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا پوليس سکڻا دلا ڏئي رھي آھي ھڪ پيرسن وزير دايو چيو تہ منھنجي پٽ کي پوليس چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي رڙيون ڪندو رھان ٿو پر انصاف نه ٿو ڪيو وڃي جنھن تي اي ايس پي معاملي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏنھن تہ نوجوان ٽڪ ٽاڪر غلام مصطفي سولنگي شڪايت ڪئي ته مون کي گمبٽ جا لوفر ھنڱورجا ۾ اچي دوڪان تي تشدد ڪري ويا آھن پوليس ماڻھو گرفتار نہ ٿي ڪري مون کي موتمار ھاڻي بہ ڌمڪيون ملن ٿيون.اي ايس پي ھنڱورجا ايس ايڇ او جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو دوڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ روشن شيخ چيو ته 2022 ۾ منھنجي گھر ۾ لکين روپين جو ڌاڙو لڳو جوابدار پوليس اڄ ڏينھن تائين گرفتار ناھن ڪيا.فياض حسين سھتو شڪايت ڪئي تہ موٽرسائيڪل چوري ٿي آھي پوليس رڪور نہ ٿي ڪرائي ڏئي.ان کان سواء ڪجھ ڳوٺاڻن زمين تي قبضي جون شڪايتون پڻ ڪيو ان علاوھ شھرين شڪايت ڪئي تہ شھر ۾ نفري تمام ٿوري آھي ڪيتريون ئي پوليس جون پڪٽون خالي پيل آھن اي ايس پي شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ان موقعي تي اي ايس پي عبدالله افضل گجر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪرڻ پوليس جي ذميواري ۽ شھرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ اسان جو فرض آھي منشيات جي خلاف سخت پاليسي آھي منشيات فروشن خلاف پوليس آپريشن جاري آھي آپريشن کي اڃان بہ وڌيڪ تيز ڪيو ويندو جن شھرين شڪايتون ڪيون آھن ڪجھ ماڻھن جي شڪايتن کي ٿڏي تي حل ڪيو ويو آھي ھن چيو تہ قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ ۾ اسان سنجيدگي سان ڪم ڪيون پيا باقي ڏوھارين سان ڪاب رعايت نہ ٿيندي ھن چيو تہ ڏوھاري ڪيترا بہ با اثر ڇون ھجن انھن خلاف ڪاروائي ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اي ايس پي گمبٽ جي ھنڱورجا
0 تبصرے