گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران 2024ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي خلاف 8 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج جو فيصلو

پير صاحب پاڳاري جي صدارت هيٺ راجا هائوس ڪراچي ۾ ٿيل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪور ڪميٽي اجلاس

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران 2024ع جي  چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي خلاف 8 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 2024ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي خلاف 8 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن جي پريس ڪلبن آڏو ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده آئيني، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پير صاحب پاڳاره جي صدارت هيٺ راجا هائوس ڪراچي ۾ ٿيل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ صدرالدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر فهميده مرزا، غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، لياقت علي جتوئي، سيد مظفر حسين شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ميڊم سائره بانو، مظهر راهوجو، بئريسٽر حسنين مرزا، حسام مرزا سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي، آئيني ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو ۽ متفقه طور ڪيترين ئي اهم قراردادن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊون پاڪستان جي تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ متنازع چونڊون هيون، جن ۾ رياستي ڌانڌلي، سرڪاري مشينري جي بي جا استعمال ۽ اليڪشن ڪميشن جي جانبدارانه ڪردار ذريعي عوامي مينڊيٽ کي بري طرح مسخ ڪيو ويو. ڪور ڪميٽي انهن چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتن ۽ اسيمبلين کي عوام جي حقيقي نمائندگي کان محروم قرار ڏنو. ڪور ڪميٽي جامشورو ۾ پير پاڳاره جي صدارت هيٺ ٿيل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جلسي عام ۾ عوام پاران منظور ڪيل قراردادن جي مڪمل توثيق ڪندي ڌانڌلي زدہ چونڊن ۽ موجوده اسيمبلين کي ٻيهر رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ڌانڌلي زدہ اسيمبلين ذريعي ڪيل هر قسم جي قانونسازي ۽ هر آئيني ترميم ناقابل قبول هوندي. سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، ڇو ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن قرارداد ذريعي پاڪستان جي قيام کي يقيني بڻايو. سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه پاڪستان کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته ملڪ سخت سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران جو شڪار آهي، جتي آئين جي ڀڃڪڙي، اداراجاتي مداخلت، بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ۽ اظهارِ راءِ تي پابنديون وڌنديون پيون وڃن. اجلاس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس سان ٿيل ورتاءَ جي سخت مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي جي لڳاتار 18 سالن جي نااهلي ۽ بدانتظامي سبب اٺارهين آئيني ترميم به متنازع بڻجندي پئي وڃي. اختيارن کي صوبي اندر مرڪوز ڪري ۽ بلدياتي ادارن کي اختيار نه ڏئي اٺارهين ترميم جي روح کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبائي فنانس ڪميشن جو قيام لازمي هو، پر سنڌ حڪومت جي بدنِيتي سبب اڃا تائين صوبائي فنانس ڪميشن قائم نه ڪئي وئي آهي. ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سنڌ ڀر ۾ عوامي رابطي جي مهم جاري رکندي ۽ جمهوري، آئيني ۽ پرامن جدوجهد ذريعي عوام جي حقن جو دفاع ڪيو ويندو. سنڌ جي وسيلن، زمين ۽ اختيارن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪرڻ جي عزم جو به اعادو ڪيو ويو. جي ڊي اي قيادت سنڌ ۾ وڌندڙ زرعي بحران تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. هنن چيو ته هارين کي چانورن ۽ ڪمند جي پوري قيمت نٿي ڏني وڃي، ڪپهه جي پوک ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪڻڪ جي مناسب قيمت جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو. جي ڊي اي مطالبو ڪيو ته سپورٽ پرائس جو فوري اعلان ڪيو وڃي ته جيئن هاري سخت معاشي مشڪلاتن مان نڪري سگهن.