گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ، ساجد ڀٽو سخت زخمي، جوابدار خالد ڀٽو فرار

گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ، ساجد ڀٽو سخت زخمي، جوابدار خالد ڀٽو فرار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد جي علائقي ۾ ذاتي ۽ گهريلو تڪرار دوران هڪ ڀاءُ مبينا طور پنهنجي ئي ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو۔پوليس موجب زخمي جي سڃاڻپ ساجد ڀٽو جڏهن ته جوابدار ڀاءُ جو نالو خالد ڀٽو ٻڌايو ويو آهي۔ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻنهي ڀائرن وچ ۾ ڪنهن ذاتي معاملي تان جهيڙو ٿيو، جيڪو ڏسندي ڏسندي سخت ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿي ويو۔ انهي دوران ڪاوڙ ۾ اچي خالد ڀٽو هٿيار ڪڍي پنهنجي ڀاءُ ساجد ڀٽو تي فائرنگ ڪري ڇڏي۔فائرنگ جي نتيجي ۾ ساجد ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو۔ اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي ۽ زخمي کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ايمبولينس ذريعي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ جوابدار خالد ڀٽو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ واقعي جي سببن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔