پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪپور واسي جوڙي جو ڪراچي ۾ پرڻو ڪرڻ بعد احتجاج

پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪپور واسي جوڙي جو ڪراچي ۾ پرڻو ڪرڻ بعد احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سکر ضلعي جي تعلقي پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪ پور سان تعلق رکندڙ نوجوان جوڙي ڪراچي پهچي ملير ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ورتو. نڪاح بعد نوجوان محمد رمضان دايو ۽ سندس گهرواري دعا دايو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوان محمد رمضان دايو چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان ملير ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي ۽ نڪاح نامو لاڳاپيل ٿاڻي ڏانهن به موڪليو ويو آهي. هن چيو ته سندن نڪاح مڪمل طور قانوني آهي ۽ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا زبردستي شامل ناهي.ان موقعي تي ناري دعا دايو چيو ته کيس نه ڪنهن برغلايو آهي ۽ نه ئي ڀڄايو آهي، پر هن پنهنجي مڪمل رضا سان محمد رمضان دايو سان نڪاح ڪيو آهي. هن چيو ته کيس پنهنجي والد ذوالفقار، ظاهر، طارق، زاهد ۽ ٻين مائٽن کان جان جو خطرو آهي.جوڙي آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ مخالفن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.جوڙي جو چوڻ هو ته هو پرامن زندگي گذارڻ چاهين ٿا، پر کين ڌمڪين سبب شديد خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.