English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد عوامي نيشنل پارٽي جي باچا خان امن ڪانفرنس ۾ شريڪ
135 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
وفد جي اڳواڻي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ڪئي، خادم سمون، نذير بليدي ۽ ٻيا به شامل
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد عوامي نيشنل پارٽي جي باچا خان امن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. وفد جي اڳواڻي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ڪئي، وفد ۾ جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون، ضلعي صدر نذير بليدي، بابو ميمڻ ۽ معشوق چانڊيو شامل ھئا. عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان ۽ ٻين اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ڀرپور آجيان ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي باچا خان امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ دھشتگردي ۽ ڪرپشن وڏا مسئلا آھن ۽ ھڪٻئي سان جڙيل آھن. حقيقي جمھوريت نه ھجڻ جي ڪري مسئلا آھن. مسلط ڪيل حڪمران واپاري آھن، حڪمرانن امن وڪڻي ڇڏيو آھي. قومن جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. درياھ وڪڻي ڇڏيو. پاڻي وڪڻي ڇڏيو. ٻيٽ وڪڻي ڇڏيا. بندرگاھ وڪڻي ڇڏيا آھن. اقتدار خريد ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ وڪڻي رھيا آھن. امن جو نقطو حڪومت جي ايجنڊا ھجڻ گھرجي پر حڪومت جي ايجنڊا قومن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ وڪڻڻ آھي. عوام کي تقسيم ڪرڻ آھي. قومن ۾ ھڪٻئي خلاف نفرت پکيڙڻ آھي. الطاف خاصخيلي چيو تہ گل پلازه ۾ ھٿ سان باھ لڳائي ھاڻ صوبي ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. اھا حڪومت جي ايجنڊا آھي. جنھن سان پاڪستان وڌيڪ بحرانن جي باھ ۾ اچي ويندو. پاڪستان ھن وقت سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. عالمي سامراجي طاقتن جي نشاني تي آھي. پاڪستان کي قومي جمھوري برابري، حقيقي جمھوريت، حقيقي عدليه جي آزادي جي ضرورت آھي. پاڪستان کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي نہ خودمختيار پاليسين ذريعي ھلائي سگھجي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد
عوامي نيشنل پارٽي جي باچا خان امن ڪانفرنس ۾ شريڪ
ANP
0 تبصرے