English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ پاران احتجاج جاري
4 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي ٻئي ڏينهن به صحت کاتي جي ملازمن اسپتال اڳيان لڳايل احتجاجي ڪيمپ ۾ سخت نعريبازي ڪئي نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ ھٽايو جھرڪ اسپتال بچايو جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امجد شورو صحت کاتي جي ملازمن سان اظھار يڪجھتي ڪرڻ لاء احتجاجي ڪيمپ تي پھتو ھن چيو ته مرف اين جي او گذريل 18 سالن کان ٺٽي ضلعي جي صحت کاتي ۽ اسپتالن کي اڏھي جيان کائي رھي آھي جيستائين صحت کاتي ۽ اسپتالن جي تباھي جي اصل جڙ مرف مينجر آدم ملڪ کي نه ھٽايو ويندو تيستائين اسپتالن ۾ سڌارو ڪونه ايندو مرف مينجر آدم ملڪ رٽائرڊ سرڪاري ڊاڪٽر کي مقرر ڪري اسپتالن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي نااھل ۽ ڪرپٽ ڊاڪٽر جبار ميمڻ کي مرف مينجر آدم ملڪ جڏھن کان جھرڪ اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو آھي تڏھن کان جھرڪ اسپتال ۾ عوام لاء ڪابه بنيادي سھوليت ميسر ڪونهي مريض ۽ سندس وارث ته اڳم ئي احتجاج ۽ رڙيون ڪري رھيا ھئا پر ھاڻي مجبور ٿي اسپتال جو پيرا ميڊيڪل اسٽاف به ڪيمپ قائم ڪري روزانو جي بنياد تي نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ لاء سراپا احتجاج بنيل آھي ٻئي طرف مرف اين جي او جي مينجر آدم ملڪ ڳالهيون ڪري لاء ڊاڪٽر شھزاد جي اڳواڻي ۾ ھڪ وفد جھرڪ موڪليو جنهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ جي اڳواڻن زاھد جھرڪو عبدالحئي سومرو ۽ نظير سومرو سان ڳالهيون ڪيون ته ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ واري مطالبي تان ھٿ کڻو باقي توھانجي ٻين ڳالهيون ڪريون ٿا پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن اڳواڻن کين چيو ته نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ اسانجو پھريون مطالبو آھي جيستائين انھي مطالبي تي عمل ڪونه ٿيندو تيستائين ٻين مطالبن تي ڳالهيون ڪونه ٿينديون جنهن کانپوء ڊاڪٽر شھزاد جي اڳواڻي ۾ آيل وفد واپس روانو ٿي ويو اڳواڻن چيو ته ايم ايس جبار ميمڻ جي بدلي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jan 2026
•
سندھ
گلشنِ حدید: ذاتی تنازع پر بھائی کی بھائی پر فائرنگ، ساجد بھٹو شدید زخمی، ملزم خالد بھٹو فرار
27th Jan 2026
•
سندھ
پنوں عاقل کے جوڑے کا کراچی میں پسند کی شادی کے بعد احتجاج
27th Jan 2026
•
سندھ
قومی عوامی تحریک کا مرکزی وفد عوامی نیشنل پارٹی کی باچا خان امن کانفرنس میں شریک
27th Jan 2026
•
سندھ
سنده کے معروف گلوکار استاد محمد جمن کی برسی منائی گئی
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران 2024ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي خلاف 8 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج جو فيصلو
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار
27th Jan 2026
•
سندھ
گلشنِ حدید: ذاتی تنازع پر بھائی کی بھائی پر فائرنگ، ساجد بھٹو شدید زخمی، ملزم خالد بھٹو فرار
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ، ساجد ڀٽو سخت زخمي، جوابدار خالد ڀٽو فرار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ
0 تبصرے