ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ ان جا مالڪ صرف سنڌي آهن: سيد خدا ڏنو شاهه

ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ ان جا مالڪ صرف سنڌي آهن: سيد خدا ڏنو شاهه

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجنئيس رائٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي هن چيو آهي ته ڪراچي جا اصلي وارث قديم سنڌي ماڻهو آهن، جن ڪراچي کي اڏيو ۽ هميشه ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي حفاظت لاءِ پنهنجو رت ست قربان ڪيو آهي سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته ڪراچي مورڙي ميربحر، مائي ڪلاچي، چاڪر خان ڪلمتي، سومڙي گبول ۽ چاڪر جوکيو جي وارثن جو شهر آهي، جيڪي اڄ به ڪراچي جي سڄي سامونڊي پٽي کان ويندي حب ندي تائين، ٻنهي سامونڊي بندرن سميت ملير ۽ لياري جهڙن قديم علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن هن چيو ته انهن ماڻهن پناهگيرن کي جايون ڏنيون ۽ ڀائر سمجهي قبول ڪيو پر ان جي باوجود ڄاڻايل ٽولي تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي ڪراچي کي فتح ڪيل علائقو سمجهي غداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته 1948ع ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي زبردستي مرڪز حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اصلي وارثن سنڌي هندوئن کي پنهنجي ئي وطن مان بي دخل ڪري سندن ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا سيد خدا ڏنو شاهه الزام لڳايو ته ڄاڻايل تعصبي ٽولي ڪڏهن به سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن جو ساٿ ناهي ڏنو، بلڪه ڪالاباغ ڊيم، سنڌو درياهه، پاڻي جي ورڇ، سنڌ جي زمينن، ساحلي وسيلن تي ڌاڙن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهدن جي به مخالفت ڪئي آهي سنڌ انڊيجنئيس رائٽس الائنس جي صدر چتاءُ ڏيندي چيو ته تعصبي ٽولو سنڌ دشمنيءَ کان باز رهي، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن وسيلن ۽ حق حڪمراني لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا ۽ هميشه وانگر سنڌ دشمن سازشن کي ناڪام بڻائيندا