English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري بي آءِ ايس پي سينٽر ۾ مستحق عورتن کي ملندڙ وظيفي مان ڪٽوتي جاري
6 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري بي آءِ ايس پي سينٽر قائم، مستحق عورتن کي ملندڙ وظيفي مان ڪٽوتي، انتظاميا غائب ڏوڪري ۾ 10 کان وڌيڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا سينٽر قائم ڪيا ويا جڏهن ته سينٽرن تي ڊوائيز هولڊرن ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري هڪ هزار کان ٻه هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ لڳا، رشوت نه ڏيندڙ عورتون بنا وظيفي جي واپس وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن ان ڏس ۾ ڏوڪري ۾ رائيس ريسرچ سينٽر جي ڪالوني، بٺ شاخ، محرابپور روڊ، مست غلام نبي شاھ، واپڊا ڪالوني، باءِ پاس ۽ ٻين هنڌن تي 10 کان وڌيڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا سينٽرن قائم ڪيا ويا آهن بي آءِ ايس پي سينٽرن تي ڊوائيز هولڊرن ۽ بئنڪ الفلاح جي فرنچائيز جي ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت غريب مستحق عورتن جي وظيفي مان هڪ هزار کان ٻه هزار روپيا سرعام ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنيٽر تي ايجنٽ پڻ سرگرم ٿي ويا آهن ايجنٽن، ڊوائيز هولڊرن، بئنڪ الفلاح جي فرنچائيز جي ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت ڪري ڪٽوتي ڪري رهيا آهن مستحق عورتن پاران رشوت نه ڏيندڙ عورتن کي بنا وظيفي جي واپس اماڻيو پيو وڃي ان ڏس مسمات سڪينہ خاتون، مسمات شاھده خاتون، مسمات شهزادي ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڊوائيز هولڊر، بئنڪ الفلاح جي ٺيڪيدارن ۽ ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري هڪ هزار کان ٻه هزار روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ سڄو ڏينهن انتظار ڪرائي بنا وظيفي جي واپس اماڻي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڊوائيز هولڊر ۽ ايجنٽن مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ڪٽوتي بند ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Jan 2026
•
شوبز
فلم ’’دھرن دھَر‘‘ کے اداکار گھریلو ملازمہ سے زیادتی کے الزام میں گرفتار
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
مقامی نظام لائیں یا نئے صوبے بنائیں: مفتاح اسماعیل
26th Jan 2026
•
شوبز
علینہ عامر کی مبينه نامناسب ویڈیو لیک، ٹک ٹاکر نے حقیقت بتا دی
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
ایک سال کے دوران سندھ سے 1727 بچے لاپتا، تحقیقاتی ادارے ناکام
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل ڪيو ويو آھي، اھو انتھائي سفاڪانہ آھي: اياز لطيف پليجو
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو بجلي جون تارون چوري
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شھباز ڳوٺ ۾ جعفري اتحاد طرفان وڪيل برادري جي مان ۾ آجياڻو
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ اٽو سستو نه ٿيو، اٽي چڪين تي ڇاپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري بي آءِ ايس پي سينٽر ۾ مستحق عورتن
BISP
0 تبصرے