گڏاپ، سلطان جوکيو ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس سي جي مفت اسڪريننگ ڪيمپ قائم

ڪيمپ ۾ مجموعي طور 600 ماڻهن جا هيپاٽائٽس سي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، 20 ڄڻن کي بيماري جي تصديق

گڏاپ، سلطان جوکيو ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس سي جي مفت اسڪريننگ ڪيمپ قائم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آغا خان يونيورسٽي جي اھتمام سان ۽ سماجي ڪارڪنن زمان جوکيو، ساجد جوکيو، علي اڪبر، عامر خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر صدام جي سهڪار سان گڏاپ ٽائون جي علائقي سلطان جوکيو گوٺ ۽ حاجي جوکيو ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس سي جي مفت اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي ويئي.ڪيمپ ۾ مجموعي طور 600 ماڻهن جا هيپاٽائٽس سي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 20 ماڻهن ۾ هن خطرناڪ بيماري جي تصديق ٿي. منتظمين موجب جن ماڻهن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن، انهن جو وڌيڪ طبي جائزو ۽ علاج آغا خان يونيورسٽي اسپتال جي انتظاميه جي سهڪار سان مڪمل طور تي مفت شروع ڪيو ويندو.ڪيمپ ۾ 18 سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارن مردن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. علائقي واسين هن عوامي ڀلائي واري قدم کي ساراهيندي آغا خان يونيورسٽي ۽ سماجي ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا صحت بابت پروگرام مستقبل ۾ به جاري رکيا ويندا