وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران کُوکرپار ۾ لڳل باھ جو نوٽيس

سيد مراد علي شاهه گهر ۾ قائم اسڪول ۾ لڳل باهه واري واقعي جو نوٽيس وٺندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه پاران کُوکرپار ۾ لڳل باھ جو نوٽيس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جي علائقي کُوکرپار ۾ هڪ رهائشي گهر ۾ قائم اسڪول ۾ لڳل باهه واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتا آهن.ڪراچي جي ڪمشنر پاران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي فائر بريگيڊ جون ٽيمون ترت موقعي تي پهتيون ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن. واقعي وقت گهر ۾ رهائشي ماڻهو پڻ موجود هئا.آه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ٻار سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير زخمين کي ترت ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ريسڪيو ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.وڏي وزير رهائشي عمارت ۾ اسڪول قائم هئڻ واري معاملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل ادارن کي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.