عمرڪوٽ ۾ مبينا قتل ٿيل نوجوان واري واقعي خلاف شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو

اسماعيل سميجو جي مبينا قتل خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال، سوين ماڻهن ڌرڻو هنيو

عمرڪوٽ ۾ مبينا قتل ٿيل نوجوان واري واقعي خلاف شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر بدامني، خوف ۽ دهشت جي ور چڙهي ويو، جتي گذريل رات موتي چوڪ واري علائقي ۾ ون فائيو پوليس چوڪي جي بلڪل ويجهو 25 ورهين جي نوجوان اسماعيل ولد جمال الدين سميجو کي نامعلوم جوابدارن تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو، هن دل ڏاريندڙ واقعي نه رڳو هڪ بيگناهه نوجوان جي حياتي کسِي، پر سڄي شهر کي سوڳوار ۽ عدم تحفظ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، خبر موجب گذريل رات دير سان اسماعيل سميجو، جيڪو ڳوٺ اڪلو سميجا، چڪولي جو رهواسي ۽ لانگ جيپ جو ڊرائيور هو، انجڻ جو ڪم ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ شهر آيل هو، موتي چوڪ ڀرسان کيس تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي سخت زخمي ڪيو ويو، واقعي کان پوءِ پوليس ۽ شهرين کيس شهزور گاڏي ۾ زخمي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، رابطو ڪرڻ تي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جئہ ديو مالهي ٻڌايو ته اسماعيل سميجو کي ڳلي تي تيز ڌار اوزار سان گهرا ڪٽ هنيا ويا، جيڪي فوت ٿيڻ جو بنيادي سبب بڻيا، ڊاڪٽر موجب مقتول جي جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا ڪي به نشان ظاهر نه ٿيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ تصديق لاءِ ليبارٽري چڪاس خاطر ضروري جزا پڻ ورتا ويا آهن، واقعي جي خبر شهر ۾ باهه جيان پکڙجڻ شرط واپارين ۽ سميجا برادري پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته مقتول جي وارثن الله والا چوڪ / عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو لاش رکي ڇهه ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب شهر جون مکيه روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻي مقتول جي والد جمال الدين سميجو، ذوالفقار سميجو، اسلام الدين سميجو، ڪامريڊ حيات سميجو، ياسين سميجو، حفيظ سميجو ۽ ٻين ڪئي، مظاهرين پوليس جي نااهلي ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ون فائيو چوڪي جهڙي انتهائي حساس هنڌ ڀرسان اهڙو وحشياڻو قتل پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال نشان آهي، هنن چيو ته عمرڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس حڪمرانن کي پروٽوڪول ڏيڻ تائين محدود بڻيل نظر اچي ٿي، ڌرڻي دوران ايس ايچ او سٽي عمرڪوٽ احمد بخش راهمون ڌرڻي واري هنڌ پهتو ۽ وارثن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، پر ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪامياب نه ٿي سگهي، وارثن واضح اعلان ڪيو ته قاتلن جي گرفتاري کانسواءِ ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، مسلسل ڇهه ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻي بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ پاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايس ايس پي خاطري ڪرائي ته واقعي جي شفاف ۽ جامع جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن، موبائل فارنزڪ ۽ سي ڊي آر سميت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جاچ جاري آهي، ۽ پنجن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، ايس ايس پي جي خاطري بعد مقتول جي والد جي رضامندي سان ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي والد جمال الدين سميجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ بيگناهه هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني يا شڪ ناهي، پر اسماعيل کي بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته پوليس ايمانداري سان جاچ ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني وڃي، واقعي جي مذمت ڪندي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، جن ۾ پي ٽي آئي جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، فنڪشنل ليگ جي صوبائي نائب صدر فقير خضر حيات منڱريو، جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا نور محمد قرآني، محمد يعقوب ڪنڀر سميت ٻين چيو ته هي واقعو نه رڳو هڪ نوجوان جي حياتي کسڻ برابر آهي، پر سڄي شهر کي خوف ۽ عدم تحفظ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته وحشياڻي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي، هوڏانهن واقعي تي ردعمل ڏيندي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، ايم پي اي سيد امير علي شاهه ۽ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر،سينئير نائب صدر برهان الدين ڪنڀر سخت لفظن ۾ واقعي جي مذمت ڪئي، پنهنجي گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته عمرڪوٽ تاريخي طور هڪ پرامن شهر رهيو آهي، جتي اهڙيون انسانيت سوز وارداتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳيون ناهن، هنن ٻڌايو ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جو امن خراب ڪندڙ سازشي ٽولي کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هنن وڌيڪَ چيو ته حڪومت مقتول جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ کين مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو، حيرت انگيز طور ڇهه ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻي دوران تڪ مان چونڊيل قومي توڙي صوبائي نمائندن مان ڪوبه به ڌرڻي واري هنڌ نه پهتو، جنهن تي وارثن، شهرين ۽ مظاهرين سخت ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ووٽ وٺڻ وقت عوام ياد ايندو آهي، پر جڏهن بيگناهه نوجوان جو رت وهيو ۽ شهر سوڳوار بڻيو، تڏهن چونڊيل نمائندن جي غير موجودگي عوام سان بي حسي ۽ سياسي بي وفائي جو کليل ثبوت بڻجي سامهون آئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن چونڊيل نمائندا بروقت پهچي متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪن ها ته شايد صورتحال وڌيڪَ سنگين ٿيڻ کان بچي وڃي ها، پر سندن خاموشي عوام جي اعتماد کي وڌيڪَ ڌڪ رسائي ڇڏيو، هوڏانهن گذريل رات موتي چوڪ ڀرسان مبينا طور ڳلو ڪپي قتل ڪيل نوجوان محمد اسماعيل سميجو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ اڪلو سميجو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز دوران هر اک آلي هئي ۽ ماحول مڪمل طور سوڳوار بڻيل رهيو، جنازي نماز ۾ سميجا برادري جي معزز شخصيتن، پيپلزپارٽي تعلقو ڇاڇرو جي صدر ذوالفقار سميجو، سائين هاشم سميجو، سائينداد سميجو، نبي بخش سميجو، ابراهيم شير خان سميجو، وڏيرو محمد سميجو، جمال سميجو، عمر سميجو، خليفو صديق سميجو، عبدالله سميجو، ڪامريڊ حيات سميجو، خدابخش سميجو، حفيظ سميجو سميت صحافين نظر سميجو، الياس ٿري ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته پوليس جاچ جاري هئڻ جو دعويٰ ڪري رهي آهي.