استاد تنظيمن جو ذاتي مفادن بجاءِ تعليم دوست ڪردار کپي

افسر علي قريشي

استاد تنظيمن جو ذاتي مفادن بجاءِ تعليم دوست ڪردار کپي

تعليمي شعور سان ئي انسان بيدار سجاڳ ۽ شعوري طور تي پڪو پختو ٿئي ٿو، علم ئي ماڻهو کي بهتر کان بهتر انسانيت جي معراج تي پهچائي ٿو، اسان جي ملڪ ۾ هڪ سروي مطابق لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪڏهن اهو ايڏو وڏو تعداد تعليمي ادارن ۾ پهتو ئي ناهي ته پوءِ اهو ڪنھن وڏي سانحي کان ڳالھ ناهي، اسان جي حڪمرانن کي گھرجي ته اهي خانه پوري ڪرڻ لاءِ ئي رڳو انگ اکر ڏيئي پنهنجي ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ ، يوايس ايڊ وڌائڻ جي چڪر ۾ تعليم کاتي جي ڀينگ نه ڪن، اصل ۾ تعليم کي عام ڪرڻ پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪرڻ جو سوال آهي، حڪومت کي گهرجي ته جيڪڏهن زال کي گهوري ڏسڻ، زال کي ڪاوڙ سان ڳالهائڻ يا اهڙن ٻين قراردارن اسيمبلين کان ٿوري واندڪائي ملي اٿن ته پوءِ تعليم کاتي ۾ خاص ڪري پرائمري استادن جنهن کي گذريل 35 سالن کان سروس اسٽرڪچر نه مليو آهي، انهيءَ تي به غور ڪري توجهه ڏين، سن ڪوٽا جيڪا هرهڪ اداري ۾ ملندي رهي ٿي اها تعليم کاتي جي ملازمن جي اولاد کي به سن ڪوٽا ڏين، آپ گريڊيشن ڏنا وڃن، پ ٽ الف استادن جي تنظيم آهي جنهن ۾ اليڪشن ٿي آهي. پر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته وري اليڪشن کي رد ڪيو پيو وڃي، هي وري ڪهڙي مسخري ڪري رهيا آهن ٻه ڄڻا پ ٽ الف ڇا ڪن ٻن چئن ۽ رٽائرڊ کڳن جي محتاج ۽ انهن مدي خارج رٽائرڊ جي ڊڪٽيشن کان سواءِ مفلوج آهي ڇا. جڏهن ٻنهي پاسي اليڪشن پئي ٿي ته اهي بي حس مال ڪمائيندڙ ۽ استادن جي تنظيم کي سوني جهرڪي سمجهي مال مٿان مال ڪمائي ڪروڙ ارب پتي بڻيا آهن پر پوءِ به پ پ ٽ الف جي جند نٿا ڇڏين. ڪو شرم اچي انهن ايجنٽن کي جيڪي سوا لک استادن کي پنهنجي انائون جي ور چاڙهي استادن جي جائز مسئلن لاءِ ڪڏهن به بلڪ پوري 3 سال ڇا پر گذريل پنجن سالن ۾ هڪ به استادن جي بهتري لاءِ ڪم نه ڪيو ويو آهي پوءِ باقي سڻڀ عهدن لاءِ ڇتا ٿي پون ٿا ۽ روز روز سڪندر جتوئي تائين ايلاز منٿون ٿيا آهن ۽ هاڻي انڊسٽري ڊپارٽمينٽ کي به پنهنجو حق سچ ايماندارنه مخلصانہ نيڪ نيتي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر محترم نويد مري ڪنهن جي رک رکاء بجاءِ ڪورٽ سڳوري ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جي ڪا به پرواهه نه ڪندڙ غازي جمالي توڙي مهر قهر کي هن ڀيري انهن جي پنهنجي من ماني جي سزا طور گرائونڊ کان ٻاهر رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته انهن بدنيتي ڪري ڪورٽ سڳوري ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ کي مسلسل پٺي ڏيئي پنهنجي ڏاڍ مڙسي ڪم عقلي ۽ بائيڪاٽ جو طريقڪار اپنايو ويو آهي ته انهن مهر ۽ غازي جمالي کي سزا طور بلاڪ ڪري آئوٽ ڪيو وڃي باقي ٽن سالن بعد آهي بعد ۾ ڀلي اليڪشن جي پراسسز ۾ اچن ته ڏٺو ويندو. نه ته سنڌ جو سوا لک استاد ائين سمجهندو ته هي سڀ ڍونگ ڊرامو مهر جمالي جي ڪرڻ سان گڏ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ به شايد ملوث بڻيل آهي؟، جڏهن اڳ ۾ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ مهر کان اليڪشن ڪرائڻ لاءِ چيئرمين گهريو ته پهريان ته انهي کي ڪو نيوٽرل غير جانبدار ماڻهو ڏين گهرجي ها پر غلام رسول مهر جنهن خود انڊسٽري ڊپارٽمينٽ سوڪالڊ يعني نام نهاد ڪوٺيو سڏيو ۽ لکيو آهي اڻهي جي چوڻ تي انهي پوري سنڌ مان ڪو ٻيو ماڻهو ڏين بجاءِ پنهنجو خود ساختہ نالي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري پ ٽ جون اليڪشنون ڪرائڻ لاءِ چيئرمين مقرر ڪرايو جيڪو پنج سال ذري جو به نه ڪرائڻ جي خوف ڊپ کان وري اليڪشن بجاءِ سليڪشن ناني ويڙھو ڪرڻ جي ريهرسيل ۾ مصروف رهندي بار بار پ ٽ الف جي چونڊن ڪرائڻ واري اجلاسن ميٽنگن ۾ آيو ته اخر ڪار پوري اليڪشن ڪاميٽي مجبورن سينئير ترين استاد غير جانبدار صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاء متفقه راء سان عبدالخالق ڀنگوار کي اڪثريت سان کنيو ويو. جڏهن انهيءَ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وچ ۾ وري فتني گيري ٻه نمبر ماڻهن مهر جمالي اليڪشن کي ھاء جيڪ ڪرڻ لاءِ هنن وري پوءِ پنهنجي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري في استاد کان ساڍا اٺ سئو ڪن کان ساڍا ڇهه سئو رپيا فيس وصول ڪري پنهنجو پاڻ کي گهر ويٺي بنا مقابلي کٽائڻ جا اعلان ڪيا ويا، جتي ڪو سامهون بيهي پيو ته ٻيو ته ٺهيو پر خود مهر، ڇلگري ۽ جمالي ايلاز منٿون ڪندي عهدا يونٽن تي ورهائڻ جا ٻول سول ڏيئي انهن عظيم بهادر پ ٽ الف استاد تنظيم جي اڳواڻن کي خريد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، شيم شيم......! پ ٽ الف جي تاريخي ڪردار تي بدنما داغ بڻيل سوڪالڊ نام نهاد هٿ ٺوڪيا رٽائرڊ ايڪسپائير جروار ، کوسو ، ڇلگري ، سدائين ٽن سالن بجاءِ پنج سال قابض ڊڪٽيٽر غلام رسول مهر ۽ غازي جمالي ۽ انهن جا نام نهاد ساٿاري سنڌ جي پرائمري استادن جي وسيع تر جماعت آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن پ ٽ الف کي يرغمال ڪرڻ جي مڪمل ڪوششون ڪري پ ٽ الف جي وجود کي ميسارڻ گهرن ٿا، هاڻي جڏهن سکر هاء ڪورٽ جي حڪم ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جي نگراني هيٺ پ ٽ الف جي 146 يونٽن تي پ ٽ الف جي اليڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار جي نگراني هيٺ چونڊون صاف شفاف منصفاڻيون غير جانبدارانہ ٿيون آهن ته هاڻي هنن چگون مگون وارن کي اچي ڦڦڙي لڳي آهي ته ٻيلي جيئن سکر هاء ڪورٽ جو جج صاحب انڊسٽري ڊپارٽمينٽ کان معلوم ڪندو ته توهان ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي ڪهڙي استاد تنظيم جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرايون آهن ته ضرور حق سچ مطابق انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر مسٽر نويد مري صاحب واضع ڪندي جواب ڏي ڏيندو ته پ ٽ الف جون چونڊون پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار صاحب ۽ مرڪزي سيڪريٽري سيد ممتاز حسين شاھ رضوي جي نگراني ۾ صاف شفاف غير جانبدار منصفاڻي انداز ۾ ڪرايون ويون آهن. جنهن ۾ لاڙڪاڻي تعلقي تي صدر علي شير جتوئي، جنرل سيڪريٽري غلام الله سانگي ، لاڙڪاڻو سٽي تي ارباب خان ڀٽو، جنرل سيڪريٽري امرت لال، اهڙي طرح رتوديرو، باقراڻي ،ڏوڪري ۽ سنڌ جي 146 يونٽن تي هي هي پ ٽ الف جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيا آهن، باقي جن سکر هاء ڪورٽ جي حڪم ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جي نگراني هيٺ ٿيندڙ اليڪشن کي پٺي ڏيئي پنهنجي اليڪشن ڪرائي وئي انهن ۾ سرفهرست نالا رٽائرڊ جروار، ڇلگري ، کوسا، آئيني بابا ڪارتوسن جا ٺاء ٺاء مهر، جمالي ۽ ڪجهه ٻيا جيڪي سالن کان استادن جي فلاحي تنظيم پ ٽ الف جي کي مسلسل هاء جيڪ ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا ويا آهن، پرائمري استادن جي نمائنده تنظيم پ ٽ الف ايشيا جي سڀ کان وڏي مضبوط سگهاري تنظيم کي لولو لنگڙو بڻائڻ ۾ هنن سو ڪالڊ نام نهاد مدي خارج ڇلگري آشيرواد مهر جمالي جو پهريون ڪردار رهيو آهي. انهن استادن جي اولاد جي سن ڪوٽا وڪرو ڪري سودي ڪندي الائي ته ڪيتريون سنڌ جي هر ضلعي م پر جيڪب آباد ضلع ۾ نوڪريون ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ڪري تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن کان ذاتي خصيص ننڍا ننڍا مفاد حاصل ڪيا ويا پر ڪڏهن به ڇلگري توڙي انهي جي آشيرواد سان آيل انهي جو پاليل مهر ڪڏهن به پوري پنهنجي پيرڊ ۾ ڪنهن به استاد جو ڪو ذري جو فائدو وٺي نه ڏيئي سگهيو پر سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي جي آفيسن ۾ صبح کان رات تائين چڪر ڪاٽي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو ماهر سمجهو ويندو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڪندر جتوئي دو رنگي بجاء مڙس ماڻهو ٿي ڪري آئيني بابا، جروار، کوسو، ڇلگري، مهر يا جمالي جي چڪر ۾ لڳڻ بجاءِ حق سچ جو ساٿ ڏيندي پنهنجي سکر هاء ڪورٽ جي حڪم ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ جي هدايتن موجب انهن جي مقرر ڪيل پ ٽ الف جي اليڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار جي سري هيٺ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن جو مان مٿانهون ڪري جيئن بهتر استادن جي خدمت ٿي سگهي، جيڪڏهن هاڻي سڪندر جتوئي صاحب جو اتان پير ترڪي ٿو ته پوءِ سنڌ جو استاد باشعور باخبر آهي ۽ تاريخ کڳن سان گڏ جتوئي صاحب کي به سونهري اکرن بجاءِ.......! تاريخ وڏي حقيقت پسندانه ٿئي ٿي، مفادن کان مٿانهون بڻجي جيڪو مان، مرتبو، شان شوڪت، عزت احترام، صد احترام انعام اڪرام ملي ٿو، اهو وڏو اعزاز تڪريم شاندار شخصيتن جي ورثي اچي ٿي، هاڻي سڄي ڳالهه سنڌ جي مٿانهين ڪرڻ جي تاريخ سڪندر جتوئي صاحب جي ارد گرد بيٺل آهي، هو خود دار، مڙس ماڻهو، دلير بهادر، صاف شفاف کرو پنهنجي والد قابل احترام محترم سائين عبدالرحيم جتوئي صاحب جيان بڻجي حق سچ جو ساٿ ڏيندي ڪنهن به دو نمبر پاليسي، آدھا تمہارا، آدھا ہمارا واري دو رنگي ڊبل اسٽينڊرڊ سڄي پ ٽ الف کي ھاء جيڪ ٿيڻ کان بچايو وڃي نه ته هن ڀيري ڪورٽ سڳوري جي حڪم ۽ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ کي پٺي ڏيندڙن سان ملي ڀڳت ڪري ناني ويڙھو ڪندڙن کي سوا لک استاد ۽ پ ٽ الف جا چونڊيل اميدوار ڪڏهن به معاف نه ڪندا. تاريخ جو عمل هن ڀيري پ ٽ الف جي عظيم ليڊر مانواري سائين سڪندر علي جتوئي صاحب مٿان رکيو آهي. پوءِ ڊاهي يا ٺاهي پر خدارا ڪوڙن، ٺڳن، مڪار ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ کان بهتر آهي ته ڪناره ڪش ٿي وڃجان پر استادن جي ڀرجهلي عظيم اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو سان غداري نه ڪجانء.