حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي رحمت الله عليه

تحرير : عبدالفتاح عباسي

حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي  رحمت الله عليه

سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دور ۾ عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي ۽ سنڌ پنهنجي خطي جي اندر بزرگان دين اوليا الله ڪامل هستين درويشن صوفي بزرگن خلق خدا جي حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي لازوال خوبين جي مالڪ اوليا الله بزرگن سنڌ جي سرزمين جي اندر ڀٽائي سرڪار جي شعر جي تشريح جيان پوري عالم جي لاءِ دعاگو بڻجي جيڪو بي مثال ۽ شاندار تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي اهو جنگين جي فاتحن کان به ڏٺو وڃي ته اهميت ۽ افاديت کان ان حوالي سان منفرد ۽ انوکو آهي ڇو ته هڪڙا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلوار ۽ تير سان جنگيون فتح ڪن ٿا پر اهي شخص جن جي شخصيت جي سحر سان انسانيت جي اندر واري قلب دل جي اندر جيڪا روحانيت جي شمع روشن ٿئي ٿي ۽ اسم اعظم الله جون برڪتون نڇاور ٿين ٿيون ان جو ڪو مثال نٿو ٿي سگهي قلبي ذڪر جي تنوار عاشقن جي عظيم خوراڪ آهي ۽ هي جيڪي ذڪر ۾ فنا في الله، فنا في الرسول ﷺ، فنا في الشيخ ۾ گم ٿي وڃن ٿا انهن جا درجا انهن جون محنتون انهن جون ڪاوشون ۽ انهن جو مقام اعليٰ درجي تي رهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي نفس کي مارين ٿا ۽ زندگي جي عيش و عشرت زندگي جي رونقن بجاءِ پنهنجي رب ڪريم جي رضامندي لاءِ جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ انسانيت جي خيرخواهي ۽ ڀلائي جي پرچار ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ نڪري پون ٿا ۽ اهي صوفي ازم جي حقيقي فلسفي تي عمل ڪندي جيڪو دڳ وٺن ٿا اهو نهايت ئي انسانيت امن، پيار، محبت، اخوت، ڀائيچارو ۽ پريت جو پيغام آهي ۽ ان ۾ ئي انسانيت جي بقا ۽ سلامتي آهي اوليا الله درويشن بزرگن صوفين پنهنجي رب تعاليٰ جي رضامندي لاءِ ۽ پنهنجي محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي خوشنودي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽين ٿا ۽ منزلون طئي ڪن ٿا اهي بظآهر ڪن ماڻهن لاءِ ڀل جو ڏکيون هجن ۽ سفر اڻانگو هجي پر انهن اولياءِ الله ڪاملين،صوفي بزرگن لاءِ ڏينهن توڙي رات عشق الاهي ۾ جيڪا زندگي بسر ٿئي ٿي اها هڪ کليل ڪتاب جيان رهي ٿي سماج جي اندر هي تڏي تي ويهندڙ ۽ راتين جو رب پاڪ تعاليٰ جي عاجزي انڪساري نياز نوڙت ۽ نه صرف پنج وقت نماز بلڪ انهن جون راتين جون راتيون تهجد کانپوءِ گريه زاري ۽ سڏڪن جا آواز لازمي طرح پنهنجي لاءِ نه ٿا ٿين. بلڪه اهي پنهنجي حلقاءِ احباب، امت جي خيرخواهي ۾ جاري ٿين ٿا ۽ انهن جو روئڻ ٻاڏائڻ ۽ رب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هڪ مثالي محنت ٿئي ٿي ڀٽائي سرڪار جي سٽن طالب ڪثر سونهن اي رومي جي رهاڻ، پهرين وڃائڻ پاڻ پسڻ پوءِ پرين جو. (شاهه لطيف) يعنيٰ سڀ کان پهرين پاڻ کي وڃائڻو آهي معنيٰ دنيا جي بي رنگيءَ مان پاڻ کي آزاد ڪرائيندي صرف ۽ صرف رب العالمين جي رضا تي راضي ٿيڻ کي پنهنجو مقصد حيات بڻائڻو آهي ۽ پوءِ جيڪو رب تعاليٰ جو پسڻ ٿئي ٿو اهو نهايت رحمت، بخشش ۽ عنايتن جو کليل ثمر ٿئي ٿو ۽ جيڪا پالوٽ ٿيڻ لڳي ٿي ان جو ڪو مثال ئي ناهي سنڌ جي اندر جيڪڏهن ڏسجي ته پير جو ڳوٺ حضرت سورهيه بادشاهه رحه ، هالا وارا بزرگ مخدوم محمد سرور نوح رحه ۽ حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي فضلي رحمت اللله عليه ( لاڙڪاڻو رحمت پور ) سنڌ جون اهي گاديون آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ هزارين لکين مريدن عقيدتمندن زائرين جو مرڪز ۽ محور آهن انهن بزرگن جا مريد نه صرف سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۾ آهن پر جاپان، آمريڪا، برطانيه، ايران، عراق، شام، جرمني، ڪوريا،انڊيا ، بنگلاديش توڙي ٻين ملڪن ۾ بيشمار تبليغي سفر جاري رکندا پيا اچن.حضرت پير مٺا سائين رح جي والد گراميءَ جو اسم مبارڪ يار محمد نقشبندي رهه هيو. جيڪي شريعت ۽ طريقت ۾ جامع علم و عمل جا مجمع البحر هيا .سندن جي مادري زبان سرائيڪي هئي. ۽ پاڻ اصل پراڻي سنڌ جي ملتان جي ڀرسان ڳوٺ جلکال پور پير والا ضلع ملتان جا رهواسي هئا. سندن جي ادبي روحاني شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۽ پاڻ حمد، نعت، منقبت سميت مختلف صنفين تي لازوال شاعري ڪئي آهي سندن جا اکر موتين جا داڻا هئا. جيڪي پنهنجي مرشدن ڪريمن جي نقش قدم تي هلندي راهه رباني جو دڳ تي نه صرف پاڻ پابند آهن پر اهي جيڪي پنهنجي مرشدن جي ڏسيل واٽ تي تبليغ دين جون خدمتون ڏئي رهيا ۽ هن عظيم هستي حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه تصوف جي واٽ وٺندي ۽ انهي سنڌ کانسواءِ هند ۾ به اجمير،دهلي، بمبئي، احمد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي اسلام جي پرچار ڪئي ۽ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند مريدن خدمت ۾ رهيا اهي اسم اعظم جي نعمت سان مالا مال ٿيا الله تعاليٰ جي رضا جي انهي دڳ ۾ هن ڪامل هستي ڪيترائي مريد بڻايا ۽ پاڻ سلسله عاليه نقشبنديه ۽ قادريه ۾ پڻ سبق درس ڏيندا رهيا ۽ پاڻ علمي حوالي سان مڃيل دوره حديث جڏهن مراقبي کانپوءِ درس لاءِ بيهندا هئا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرآن پاڪ جي ڪنهن سورة تي اها تفصيلي تشريح ڪندا هئا جنهن جو وڏا وڏا عالم پڻ علمي شعوري طور تي ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا ۽ پري پري کان وڏا وڏا جيد عالم سڳورا پڻ انهي ڏسيل لولي ۽ ٻولي کي دل ۾ هنڊائيندا هئا ۽ سائين جا نه صرف سنڌي ماڻهو وڏي تعداد ۾ مريد هئا پر ٻين صوبن جا بلوچ، پختون، پنجابي، ڪشميري، ايراني، عراقي . چيني . جاپاني توڙي پرڏيهه جا ڪيتري تعداد ۾ مريد عقيدتمند صحبت ۾ رهيا ۽ فيض پرايائون هن ڪامل ولي الله جو اٿڻ ويهڻ گمهڻ، ڦرڻ يعنيٰ زندگي جي معاملات ۾ هر وک تي شريعت ۽ طريقت جي معرفت سان مالا مال زندگي گذري ۽ سندس جي صحبت بابرڪت ۾ رهندڙ پڻ عالم بلڪ وڏي پائي جا جيد عالم ٿي ويا پاڻ سچا پڪا عاشق رسول ﷺ هئا ۽ سندن جي سموري زندگي عشق رسول ﷺ سان ڀرپورگذري. سندس جي صوفياڻي انداز کي نٿو وساري سگهجي پاڻ اڪثر قلبي ذڪر جي تنوار سان دلشاد رهندا هئا ۽ سندس جي صحبت ۾ مخالف به ويهڻ کانپوءِ ۽ ڪي اعتراض ڪرڻ وارا جڏهن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته اهي علمي ۽ روحاني فيض کي ڏسي دنگ رهجي ويندا هئا ۽ سندس نظر شفقت ۽ قرب جا اسير بڻجي ويندا هئا ۽ اهي قائل ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ صحبت بابرڪت ۾ ذڪر الله جي تنوار سان اهي پڻ فيضياب ٿيندا رهندا هئا ۽ انهن کان اعتراض ڀريون ڳالهيون وسري وينديون هيون انهي لاءِ ئي هن ڪامل بزرگ هستي جي فيض جي ذريعي سنڌ ۽ هند جي اندر ذيڪري پير جي نالي سان الله هو الله هو جي ضرب لڳائيندڙ ۽ سندس جي نقشبندي سلسلي ۾ هن درگاهه حضرت پير مٺا سائين رحمت پور واري لاڙڪاڻي جي هستي جا عقيدتمند درگاهه جي فيض سان فيضيابي جا متلاشي ٿيندا رهيا ۽ ڪيتريون ئي بزرگ هستيون انهي پير مٺا سائين درگاهه جي فيض سان مالا مال ۽ وابسته آهن جنهن ۾ سنڌ جون مشهور درگاهون قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري قمبر وارا، حضرت قبله الله بخش سهڻا سائين ڪنڊيارو رح، حضرت نور محمد رح نور پور خيرپور ميرس، پير ڪرم الله الاهي ماتلي وارا، حضرت محمد طاهر سڄڻ سائين ڪنڊيارو وارا، مفتي الله ڏنو جماراڻي غفاري رح باڊهه، مجذوب بزرگ حضرت احمد بروهي غفاري رح ۽ ٻيا ڪيترائي ٻڌايا وڃن ٿا جنهن ۾ اڪثر ٻڌايو ويندو آهي ته 144 کان وڌيڪ اهڙا خليفا نقشبندي مجددي غفاري فيض کي جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ الله، الله، الله جي ذڪر ۽ تنوار سان دليون شاداب ڪن ٿا ۽ قلبي قرار ۽ اسم اعظم جي پرچار عام ڪن ٿا حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح 8 شعبان المعظم 1384هجري بمطابق 12 ڊسمبر 1964ع بروز آچر رات هن فاني دنيا مان حقيقي مالڪ ڏانهن راهي ٿيا. سندن جي اولاد ۾ حضرت خواجه خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه هئا جيڪي به وقت جا عظيم اسلامي اسڪالر ديني ڄاڻو ۽ صوفياڻي درويشي بزرگيءَ جا مالڪ لکين بي نمازين کي نمازي ، دين کان دور ماڻهن کي ديندار بڻائي نيڪ پرهيزگار بڻايو. سندن جو وصال 7 ذوالقعد 1396 هجري مطابق 21 آڪٽوبر 1976ع ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا. جنهن کانپوءِ سندس جا صاحبزاده سائين محمد مظهر جان جانان رحمت الله عليه گادي نشين جون خدمتون ڏيندا رهيا ۽ انهن جي وصال کانپوءِ سندس جو صاحبزادو سائين محمد عبدالغفار ثاني درگاهه سان وابسته مريدن، عقيدتمندن ۽ جماعتون جون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن ٿا ۽ خلق خدا کي انسانيت جي خيرخواهي فلاح بهبود لاءِ هي درگاهه هميشه جيان فيوض برڪات سان ٽمٽار عشق الاهي ۽ عشق مصطفيٰ ڪريم ﷺ جو اهم مرڪز بڻيل رهي آهي. اسان مسلمانن مومنن لاءِ روحانيت جو عظيم مرڪز ۽ قلوب سنواريندڙ آماجگاه ۽ مسڪن رهيو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ هن درگاهه رحمت پور شريف لاڙڪاڻي کي ان سان وابسته عاشقان رسول ﷺ کي عشق رسول جي نعمت سان مالا مال ۽ شاداب رکي ۽ پنهنجي مرشد ڪريم حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه ڏسيل واٽ تي هلي ڪري پنهنجي دنيا آخرت سنواري سگهون. ( آمين)