مقبوضه ڪشمير کي به بورڊ آف پيس ۾ شامل ڪرڻ گهرجي..؟؟

غلام مصطفىٰ جمالي

مقبوضه ڪشمير کي به بورڊ آف پيس ۾ شامل ڪرڻ گهرجي..؟؟

برفاني جبلن جي ڇانوَ ۾ ساهه کڻندڙ وادي ڪشمير، جنهن کي قدرت حسن، سڪون ۽ زندگيءَ جي هر رنگ سان نوازيو ويو آهي، اڄ اها وادي ظلم، جبر ۽ بي حسيءَ جي هڪ ڊگهي ۽ اونداهي رات مان گذري رهي آهي. ڪشمير جون نديون اڃا به آرام سان وهنديون آهن، پر انهن جي لهرن ۾ خوشيءَ جا سُر نه، بلڪه خوف، پريشاني ۽ انساني المي جو آواز سمايل آهي. اهي رستا، جتي ڪڏهن ٻار راند ڪندا هئا ۽ بزرگ پنهنجا ڏينهن امن ۾ گذاريندا هئا، اڄ فوجي چوڪين، ڪرفيو ۽ سخت قانونن جي ڇانوءَ ۾ دٻجي پيا آهن. گهر جيڪي ڪڏهن خوشين جا مرڪز هئا، اڄ سسڪين ۽ ڳوڙهن جي شاهد بڻجي چڪا آهن. مظلوم ڪشمير جي هر گهٽي، هر ڳوٺ ۽ هر گهر هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، جيڪا عالمي ضمير لاءِ سوال بڻجي چڪي آهي. ڪشمير جو مسئلو ڪو هڪ ڏينهن ۾ پيدا ٿيل تڪرار ناهي، بلڪه اهو برصغير جي ورهاڱي سان گڏ جنم وٺندڙ زخم آهي، جيڪو ڏهاڪن گذرڻ باوجود ڀرجي نه سگهيو آهي. گڏيل قومن جون قراردادون، جيڪي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ جو وعدو ڪن ٿيون، اڄ تائين دستياب آهن، پر انهن تي عملدرآمد نه ٿيڻ عالمي انصاف ۽ انسانيت لاءِ هڪ وڏو سوال آهي. ڀارت، جنهن هميشه ڪشمير کي پنهنجو اندروني معاملو سڏيو، عملي طور مقبوضه علائقي ۾ اهي قدم کنيا آهن جيڪي ڪنهن به جمهوري دعويٰ کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا. ڊگها ڪرفيو، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا بندشون، اظهارِ راءِ تي پابنديون، جبري گمشدگيون ۽ ماوراءِ عدالت قتل، اهي سڀ حقيقتون آهن جيڪي ڪشميرين جي روزمره زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪيون آهن. انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽون، بين الاقوامي ميڊيا جون خبرون ۽ مقامي ماڻهن جون ڳوڙهن ڀريل ڪهاڻيون صرف دستاويز نه آهن، اهي انساني درد جو عڪس آهن، جيڪي دنيا جي ضمير کي جگائڻ گهرجن. اهڙي پسمنظر ۾، جڏهن عالمي سياست هڪ نئين رخ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ طاقتور ملڪ نوان سفارتي فورم ٺاهي رهيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران “بورڊ آف پيس” جو تصور سامهون اچڻ هڪ اهم موڙ آهي. غزہ ۾ تعمير نو، جنگبندي ۽ عبوري انتظامن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل بورڊ، صدر ٽرمپ جي بيانن موجب مستقبل ۾ ٻين تڪراري علائقن تائين به لاڳو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن دنيا واقعي امن جي ڳولا ۾ سنجيده آهي، ته پوءِ اهو سوال پاڻمرادو جنم وٺي ٿو ته مقبوضه ڪشمير جهڙي انساني المئي کي اهڙي فورم کان ٻاهر ڇو رکيو وڃي. پاڪستان هميشه ڪشمير کي هڪ بين الاقوامي تڪرار سمجهندو آيو آهي، جنهن جو حل گڏيل قومن جي قرارداد مطابق ٿيڻ گهرجي. پاڪستان نه رڳو سفارتي فورمن تي، پر اخلاقي ۽ انساني بنيادن تي به ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت ڪئي آهي. جيڪڏهن مقبوضه ڪشمير کي بورڊ آف پيس ۾ شامل ڪيو وڃي، ته اهو سڀ کان پهريان ڪشمير کي ٻيهر عالمي ايجنڊا تي کڻي ايندو ۽ دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو احساس ڏياريندو ته ڪشمير رڳو سرحدن جو تڪرار نه، پر لکين انسانن جي زندگين، حقن ۽ مستقبل سان جڙيل سوال آهي. بورڊ آف پيس جهڙو فورم، جنهن ۾ پاڪستان، ترڪي، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سميت ڪيترائي ملڪ شامل آهن، جيڪڏهن ڪشمير جي صورتحال تي بحث ڪري ٿو، ته اهو پاڻمرادو ان حقيقت کي تسليم ڪندو ته ڪشمير ڪو “اندروني معاملو” نه، پر هڪ بين الاقوامي مسئلو آهي. اهو پاڪستان لاءِ سفارتي سطح تي وڏي ڪاميابي هوندي. ڀارت جي اها ڪوشش، جنهن تحت هن آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمير جي حيثيت بدلائي وئي، عملي طور ناڪام ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي سطح تي ڀارت جي موقف کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. برطانوی میڊیا رپورٽن موجب ڀارت اندروني طور شديد خدشن جو شڪار آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مستقبل ۾ مسئلاءِ ڪشمير کي به بورڊ آف پيس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري سگهي ٿو. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر ٽرمپ غزہ ۾ تعميرِ نو ۽ جنگبندي جي نگراني لاءِ قائم ڪيل بورڊ آف پيس ۾ ڀارت کي باضابطه دعوت ڏني آهي، پر اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي ته ڀارت ان دعوت کي قبول ڪندو يا نه. غزہ بورڊ آف پيس جو بنيادي مقصد اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي قائم رکڻ ۽ عبوري حڪومتي نظام جي نگراني ڪرڻ آهي. رپورٽن موجب بورڊ آف پيس ۾ 59 ملڪن دستخط ڪيا آهن، جڏهن ته ڊيووس ۾ ٿيل تقريب ۾ 19 ملڪن جي نمائندگي موجود هئي. ڊيووس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ واضح طور چيو ته بورڊ آف پيس صرف آمريڪا لاءِ نه، پر پوري دنيا لاءِ آهي، ۽ هن ماڊل کي ٻين تڪراري علائقن ۾ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيئن غزہ ۾ ڪاميابي سان ڪيو ويو. ڀارت جي اڳوڻي سفير اڪبرالدين چيو ته ڀارت کي بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهو فورم گڏيل قومن جي قرارداد 2803 سان ٽڪراءُ ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ شموليت جي صورت ۾ ڀارت بورڊ جي فيصلن جي توثيق جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ، اڳوڻي ڀارتي سفير رنجيت راءِ جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي بورڊ آف پيس جي ڪا مقرر مدت ناهي ۽ ان کي غزہ کان ٻاهر ٻين تڪراري علائقن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو عالمي سياست ۾ نئين بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي. انهن سڀني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، اهو چئي سگهجي ٿو ته مقبوضه ڪشمير کي بورڊ آف پيس ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان لاءِ ڪو خطرو نه، پر هڪ سنهري ۽ تاريخي موقعو آهي. اهو موقعو ڪشمير جي وساريل درد کي ٻيهر دنيا جي ضمير تائين پهچائي سگهي ٿو، ۽ شايد مظلوم ڪشمير جي رات ۾ اميد جو ڪو ڏيئو روشن ڪري سگهي. شرط صرف اها آهي ته پاڪستان جذباتي نعرا نه هڻي، پر سنجيده حڪمت عملي، مضبوط سفارتڪاري ۽ گڏيل قومي موقف سان اڳتي وڌي، ڇو ته انصاف کان سواءِ امن رڳو هڪ خاموشي هوندي، ۽ خاموشي ڪڏهن به مظلومن جو علاج نه بڻجي سگهي. مظلوم ڪشمير اڄ به انصاف جي انتظار ۾ آهي، ۽ شايد بورڊ آف پيس جهڙو فورم، جيڪڏهن صحيح ريت استعمال ڪيو وڃي، ان انتظار کي اميد ۾ تبديل ڪري سگهي.