ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته اسان جي ملڪ جون اندروني حالتون سخت سياسي اختلافن جي ور چڙھيل آھن سنگين معاشي بحران دھشتگردي ۽ بيڊ گورننس جھڙا مسئلا الڳ سان ملڪ جي سڄي سسٽم کي اوڏھي جيئان کائي کوکلو بڻائي رھيا آھن ملڪ مان دھشتگردي جو ناسور ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو کڻي حڪومت جي لک دعوائن باوجود اھي مسئلا حل ٿين ئي ڪو نه ٿا جڏھن ته بيروني طور تي ھڪ پاسي گذريل سال انڊيا سان ٿيل محدود جنگ توڙي جو پڄاڻي تي پھتي پر انڊيا پاران سنڌ طاس مھائدو ختم ڪري اسان جي حصي جو پاڻي روڪي زبردستي پاڻي جا نوان پراجيڪٽ ٺاھڻ وارن اعلانن بعد پاڪ ڀارت وچ ۾ ڪنھن به وقت ٻيھر جنگ لڳڻ وارن امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگھجي ٻئي پاسي افغانستان طالبان پنھنجي نئين نام نھاد دوست ۽ ھمدرد ھندستان ۽ ٽي ٽي پي سميت مختلف دھشتگرد ويڙھاڪ تنظيمن سان گڏجي جتي پاڪ افغان سرحد تي مشڪلاتون پيدا ڪري رھيا آھن اتي ملڪ اندر دھشتگردي جون ڪاروايون پڻ افغانستان جي پاسي کان لانچ ٿين ٿيون ۽ وري اسان جو پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران امن ۽ جنگ جي وچ تي بيٺل آھي جتي ڪنھن به وقت آمريڪا ايران مٿان حملو ڪري سگھي ٿو جنھن جا سياسي ۽ معاشي منفي اثر وچ ايشيائي رياستن سميت سڌي ريت پاڪستان جي معيشت امن امان توڙي خودمختياري تي به پوندا جڏھن ته ھن وقت دنيا ۾ عالمي قانونن کي طاقت جي پيرن ھيٺان لتاڙي طاقتور قووتون تيزي سان دنيا مٿان پنھنجا نوان قانون سادر ڪرڻ سان گڏو گڏ نوان بلاڪ ۽ اتحادي ٺاھي دنيا جي ڪمزور ملڪن کي ڪالوني بڻائي انھن جي قدرتي وسيلن کي ڦٻائڻ لاء ھٿ پير ھڻي رھيون آھن ۽ وري پنھنجي معاشي طاقت کي پڻ ھٿيار طور استعمال ڪرڻ طرف به تيزي سان وک وڌائي رھيون آھن جنھن جي ڪري نه صرف وچ ايشيا پر يورپ سميت سڄي دنيا پريشاني واري حالت ۾ مبتلا آھي موجودا عالمي حالتن ۾ اھو صاف ظاھر ٿي رھيو آھي ته عالمي قانونن ۽ فيصلن جي جاء به تيزي سان طاقت والاري رھي آھي وينزويلا فلسطين ايران ان جا تازا مثال آھن جتي فيصلا عالمي قانون مطابق نه پر طاقت جي زور ۽ استعمال سان ٿيندي اسان کي نظر آيا اڃان گرين لينڊ ۽ ڪيوبا جو وارو بعد ۾ اچڻ جا به چٽا امڪان نظر اچن پيا ان ڪري تبديل ٿيندڙ اھڙن عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي اھڙن حالتن کي منھن ڏيڻ لاء اسان جي حڪومت کي ملڪ ۾ موجود سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ سميت ملڪ کي معاشي بحرانن مان ٻاھر ڪڍڻ لاء ڪم ڪرڻ گھرجي جيئن دنيا جي بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ خطرن مطابق اڳواٽ پاڻ کي تيار ڪري سگھجي ان لاء جتي سڀ کان اڳ حڪومت کي ملڪ مان سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاء قدم کڻڻ گھرجن جيئن ملڪ ۾ سياسي ماحول بھتر ٿي سگھي جنھن جا مثبت اثراختلافن جي ور چڙھيل ملڪي سياست ۽ معاشري مٿان پوندا اھڙي قدم سان گڏو گڏ حڪومت کي اھم ملڪي فيصلا اڪيلائي ۾ بند ڪمرن ۾ ڪرڻ بدران ايوانن اندر سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ڪرڻ گھرجن جيئن ملڪ جون اندروني حالتون بھتري طرف وڃي سگھن پر اسان جي حڪومت ملڪ مان سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاء جمھوري اصولن مطابق مفاھمت لاء سنجيدا قدم کڻڻ بدران طاقت استعمال ڪري رھي آھي جنھن سان ملڪي سياسي حالتون بھتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رھيون آھن حڪومت اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ موجود مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ھر روز غيرمقبول فيصلا ۽ قانسازي ڪري ملڪ ۾ نوان مسئلا پيدا ڪرڻ واري واٽ تي ھلي رھي آھي ان جي ڪري ملڪي حالتون بھتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رھيون آھن بدلجندڙ موجودا عالمي حالتن ۾ اھو ضروري آھي ته اسان جي ملڪ ۾ قومي ھم آھنگي ڏسڻ ۾ اچي ان لاء وفاقي حڪومت کي دل وڏي ڪري سياسي اختلاف وساري اھم قومي فيصلن ۾ سڀني سياسي پارٽين سميت چئني صوبن کي گڏ کڻي ھلڻ گھرجي جيئن ملڪي يڪجھتي برقرار رھي سگھي پر ان جي ابتڙ وفاقي حڪومت جا ھر روز اھڙا نوان بيان سامھون اچي ٿا وڃن جنھن سان ملڪ اندر سياسي حالتون بھتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ان حوالي سان ڪجھ ھفتن کان ملڪ جي موجودا صوبن کي ٽوڙي وڌيڪ نوان صوبا ٺاھڻ بابت ڳالھيون ھلي رھيون آھن ان حوالي سان ھڪ منظم طريقي سان وفاقي حڪومت پاران ڪم شروع ڪيو ويو آھي ۽ ڪوشش ٿي رھي آھي ته پنجاب سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن کي ٽوڙي ڪجھ نوان صوبا ٺاھيا وڃن تازو ئي ان حوالي سان خواجا آصف جو ھڪ بيان سامھون آيو ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھڪ پاسي جڏھن ملڪ جون اندروني حالتون اڳ ۾ ئي خراب ۽ ڇڪتاڻ واريون آھن سرحدن تي حالتون پڻ ٺيڪ ناھن مٿان عالمي حالتون تيزي سان تبديل ٿي رھيون آھن عالمي طاقتن پاران شروع ڪيل جنگ اسان جي پاڙيسري ملڪن تائين پھچڻ واري آھي ۽ اسان جا حڪمران اھڙي عالمي صورتحال کي ڏسندي موجودا ملڪي صورتحال جي وڌيل سياسي ٽيمپريچر کي ٿڌو ڪرڻ بدران اھڙا فيصلا ڇو ڪن پيا جنھن سان ملڪي سياست ۾ مثبت ماٺار ۽ مفاھمت اچڻ بدران ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا تيزي سان وڌي رھيا آھن ھڪ پاسي جتي مخالف ڌر سان ڳالھيون ڪرڻ ۾ حڪومت سنجيدا نظر ڪا نه ٿي اچي اتي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ واري ڳالھ ڪري حڪومت ملڪي سياسي حالتون ھٿ سان ڇڪتاڻ طرف کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام ۽ قوم پرست تنظيمون صوبن کي ٽوڙڻ واري ڪنھن به حڪومتي فيصلي کي قبول ڪنديون؟ ان حوالي سان ڏسجي ته سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڪنھن به امڪاني فيصلي کي سنڌي قوم ڪڏھن به قبول نه ڪندي سنڌ جا ماڻھو جتي پنجاب ۾ سنڌو درياھ تي زبردستي ٺھندڙ پاڻي منصوبن خلاف ھڪ آواز ٿي ڀرپور احتجاج ڪرڻ کان پوء مجبور ٿي پنجاب طرف ويندڙ روڊ رستا بلاڪ ڪري پنجاب ۾ ٺھندڙ پاڻي منصوبا بند ڪرائي سگھي ٿي ته ڇا پوء اھا سنڌي قوم جيڪا سنڌ ڌرتي سان پنھنجي ساھ جي حد تائين چاھ رکي ٿي پنھنجي ڌرتي جي ورھانڱي تي ڪيئن خاموش رھي سگھندي جيڪڏھن وفاق سنڌ ٽوڙڻ وارو فيصلو ڪيو ته پوء سنڌ جون قوم پرست تنظيمون ۽ سنڌي قوم گڏجي پورٽ قاسم کان پنجاب طرف ويندڙ ٽريفڪ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيندي رھي ڳالھ پيپلزپارٽي جي ته توڙي جو پيپلزپارٽي کي اھي سبز باغ ڏيکاريا پيا وڃن ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺھڻ سان سرائڪي بيلٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٺھيل ٻه نوان صوبا پيپلزپارٽي جي حوالي ٿي سگھن ٿا پر پيپلزپارٽي قيادت ڪڏھن به نون صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي ورھاست ڪڏھن به قبول نه ڪندي ان ڪري جيڪڏھن وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي کي باء پاس ڪندي ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھڙن فيصلن ۾ سنڌ صوبي جو به ذڪر ھوندو ته پوء پيپلزپارٽي جيڪا اڳ ئي وفاقي حڪومت پاران ٿيندڙ اھم فيصلن ۽ قانون سازي ۾ نظرانداز ڪرڻ سبب ناراض آھي اھا پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کا سپوٽ واپس به وٺي سگھي ٿي ۽ بلوچستان جتي اڳ ۾ ئي حالتون انتھائي خراب آھن اتي حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿيون ان ڪري نون صوبن جي ڪري ملڪ ۾ اھڙي ڪنھن ڇڪتاڻ واري ماحول جو ٺھڻ ملڪ لاء سٺو نه ھوندو ان ڪري حڪومت اندروني ملڪي حالتن کي بھتر ڪرڻ لاء قدم کڻي ۽ نوان صوبا ٺاھڻ واري ڳالھ ڪري ملڪي حالتون خراب ڪرڻ کان پاسو ڪري ته اھڙو فيصلو ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ ھوندو ھاڻي اھو حڪومت تي ڇڏيل آھي ته حڪومت حالتون بھتر ڪرڻ لاء قدم کڻي ٿي يا وري غيرمقبول فيصلا ڪري ملڪي حالتن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿي پيدا ڪري ھتي ھڪ ڳالھ اھم اھا پڻ آھي ته ماضي۾ ايم قيو ايم مٿان ملڪ سان غداري جا الزام به لڳا جنھن جي ڪري الطاف حسين کي ملڪي سياست مان آئوٽ ٿيڻو پيو ھاڻي خدا نه ڪري سنڌ کي ٽوڙي جيڪڏھن ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاھيو وڃي ٿو ته پوء لازم آھي اتي اسيمبلي ۾ اڪثريت ايم قيو ايم جي ھوندي جي ايم قيو ايم ان اسيمبلي مان پاڪستان کان اليحدگي جو قرار داد پاس ڪرائي ته پوء حالتون ڪيڏانھن وينديون؟ اھڙي صورتحال ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ به پيدا ٿي سگھي ٿي ان ڪري ملڪ جي مقتدر حلقي کي نوان صوبا ٺاھڻ جي حمايت يا سوچ کان اڳ اھو سوچڻ گھرجي ته اھڙي فيصلي جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟
0 تبصرے