English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ترقي جون حڪومتي دعوائون ۽ ڪجھ حقيقتون..!
10 views
|
26th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حبيب ٽالاڻي
اسان کي ھر روز ھر پاسي ھر پروگرام ۽ پريس ڪانفرنس ۾ اھي حڪومتي دعوائون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته ملڪ مشڪل مالي معاشي حالتن مان ٻاھر نڪري تيزي سان ترقي طرف وڌي رھيو آھي اھي ٿيون اسان جي وفاقي سرڪار بادشاھ جون دعوائون پر جيڪڏھن اسان وفاقي سرڪار جي اھڙي ڳالھ تي يقين ڪندي ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ خوشحالي کي ڏسڻ لاء نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي اھا ملڪي ترقي صرف حڪومتي وزيرن مشيرن ن ليگي اڳواڻن جي بيانن ۽ حڪومتي اشتھارن ۾ نظر اچڻ کان سواء ٻئي ڪنھن ھنڌ ڪٿي به نظر ڪا نه ٿي اچي ھڪ پاسي پاڻ وارو وزيراعظم صاحب آھي جيڪو ھر روز قوم کي پرڏيھي سيڙيڪارن جو ھتي اسان جي ملڪ اچي سيڙپڪاري ڪرڻ واري خوشخبري ٻڌائي ٿو ته ٻئي پاسي وري اسان کي پاڻ وارو خزاني وارو وفاقي وزير صاحب اعتراف ڪندي نظر اچي ٿو ته بابا بجلي سميت توانائي جي ٻين ذريعن جي اگھن ۾ ٿيل ريڪارڊ واڌ ۽ ڳرا ٽيڪس لاڳو ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي پيداواري يونٽ ملڪ مان ٻاھر شفٽ ٿي رھيا آھن ھڪ پاسي چيو ٿو وڃي ملڪ ۾ پرڏيھي سيڙپڪاري ٿيڻ ۽ بھتر ٽيڪس وصولين جي ڪري ملڪي مالي حالتون بھتر ٿي ويون آھن ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو ٽري چڪو آھي ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آھي ته ٻئي پاسي سڄي وفاقي حڪومتي مشينري دانھون ڪندي نظر اچي ٿي ته وفاق وٽ قرضن جي ادائگي کان پوء تنخواھن جيترا پئيسا به مشڪل سان بچندا آھن ان ڪري سائين جن ھٿ ۾ ڪات کڻي اٺارھين ترميم توڙي اين ايف سي ايوارڊ پويان پئجي ويا آھن ته ھاڻي صوبن جا حق کسيا وڃن انھن وفاقي ڀوتارن کي چوي ڪير ته بابا ھڪ پاسي اوھان جي دعوائن مطابق ته ھيڏي ساري ترقي ملڪي خوشحالي پرڏيھي سيڙپ مٿان وري چئو ٿا ته وفاق وٽ قرضن ۽ تنخواھن جي ادائگي جيتري رقم ھجڻ به ڏکيو لڳي ٿو ان ڪري ھاڻي ھٿ ڌوئي صوبن جي حقن ۽ قدرتي وصيلن پويان پئجي ويا آھيو ھڪ پاسي اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته بابا ملڪ ۾ ٿيندڙ رڪارڊ ترقي جو ثمر ھيٺين سطح تي عوام کي ملندو پر عوام اڃان اھڙي ثمر جي ملڻ جي انتظار ۾ ئي ھجي ٿو ته مٿان وري اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو وڃي ٿو ته سائين مالي سال 2025/26 جي صرف شروعاتي ڇھ ماھي دوران ملڪ ۾ پرڏيھي سيڙپڪاري ۾ 43 فيصد گھٽتائي ريڪارڊ ٿي آھي اڃان ڇھ مھينا پوئتي آھن اسٽيٽ بينڪ جي اھڙي رپورٽ بعد عوام پاران ڪنھن سٺي مالي فائدي جو ٿيندڙ انتظار ڪرڻ وارو سلسلو ته اتي ختم ٿي وڃي ٿو ان ڳالھ کي ته ڇڏيو اھا رپورٽ به مختلف اخبارن جي زينت بڻي ته حڪومت پاران مالي سال 2025/26 جي پھرين ڇھ ۾ 12 کرب 54 ارب قرض کنيو ويو آھي جيڪا قرض گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آھي ھاڻي انھن بادشاھن کي سمجھائي ڪير ته ڀوتارو جي ملڪ واقعي ترقي ڪري پيو ملڪي ناڻي ۾ اضافو ٿئي پيو ته پوء ھي ھيڏا سارا قرض ڇا لاء؟ ڳالھ اتي ئي کٽي پوي ته به ٺيڪ مٿان وري پاڪستان ٽيڪسٽائل ملزايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين ڪامران ارشد ڪجھ ڏينھن اڳ لاھور ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومتي معاشي ترقي جا وڏا گڻ ڳائيندي چيو ته مھانگي بجلي ۽ ڳرن ٽيڪسن جي ڪري لڳ ڀڳ 150 صنعتي يونٽس بند ٿي چڪا آھن اسان پيداواري يونٽس وڌيڪ نه ٿا ھلائي سگھون ان ڪري ملن جون چاٻيون حڪومت حوالي ڪري رھيا آھيون ھن انڪشاف ڪيو ته ڊسمبر ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ گڏيل طور تي 19.55 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي جنھن ۾ اٺ سيڪڙو ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ به شامل آھي پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين ڪامران ارشد جي اھڙي پريس ڪانفرنس حڪومت جي ترقي وارين دعوائن کي ته صفا رد ڪري ڇڏي ٿي اھڙي پريس ڪانفرنس مان اھو ظاھر ٿئي پيو ته معيشت جي بحالي ۽ ترقي بابت حڪومتي دعوائو رڳو انگ اکرن جي ڦيرڦار اشتھارن ۽ زبان خرچ کان وڌيڪ ڪجھ به ناھي پاڪستان ٽيڪسٽائل ملزايسوسيئيشن اڳواڻن پاران پريس ڪانفرنس ڪري اھو چوڻ ته ملڪ ۾ 150 ملون بند ٿي چڪيون آھن اصل ۾ ھي صرف ھڪ پريس ڪانفرنس نه پر ھزارين ملازمن جو بيروزگار ٿيڻ ۽ ھزارين خاندانن جو معاشي بدحالي حوالي ٿيڻ جو ھڪ چٽو داستان آھي ڇو ته ھر ھڪ مل ۾ اٺن ڪلاڪن جي ٽن ٽن شفٽن ۾ ھزارين پورھيت ٻچن جي پيٽ گذر ۽ ٻئي معاشي ضرورتن لاء محنت مذدوري ڪندا آھن ھاڻي 150 ملون بند ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آھي جيڪڏھن ھڪ مل ۾ 250 مذدور ڪم ڪندا ھجن ته به بند ٿيل 150 ملن ۾ ڪم ڪندڙ مذدورن جو انگ 3700 کان مٿي ٿئي ٿو جيڪي سڀئي مذدور بيروزگار ٿيا ھوندا اھي صرف 3700 مذدور نه ليکبا پر اھو تعداد 3700 خاندانن جو ليکبو جيڪڏھن ھڪ خاندان صرف پنج فردن تي ٻڌل ھجي ته پوء به ائين چئجي ته 18500 ماڻھو بيروگاري جي ور چڙھي ويا آھن ان بيروگاري ۾ ڪيترائي خواب ڀڄي ڀور ٿي پيا ھوندا خبر ناھي ته مسقبل ۾ اھڙا خاندان ڪھڙن ڪھڙن مالي مشڪلاتن کي منھن ڏيندا ھي بند ٿي ويل اھي 150 صنعتي يونٽ آھن جن جو ريڪارڊ پاڪستان ٽيڪسٽائل ملزايسوسيئيشن وٽ موجود آھي پر ملڪ ۾ اھڙا ڪيترائي ننڍا وڏا صنعتي يونٽ آھن جيڪي بند ٿي ويا آھن جيڪي ريڪارڊ تي اچن ئي ڪو نه ٿا ايتري وڏي انگ ۾ صنعتي يونٽن جو بند ٿيڻ سان يقيني طور تي ملڪ مان ٽيڪسٽائل ۽ ٻين شين جي پيداوار توڙي برآمدگي پڻ گھٽجي ويندي جنھن جو سڌو اثر جتي ملڪي معيشت مٿان پوي ٿو اتي اھا صورتحال اسان واري سرڪار بادشاھ جي معاشي ترقي ڪرڻ وارن دعوائن کي پڻ رد ڪري ٿي قرض مٿان قرض وٺڻ صنعتي يونٽون ملڪ مان ٻاھر شفٽ ٿيڻ يونٽن جو بند ٿيڻ ترقي ناھي ھوندي پر پوء به اسان جي حڪومت بادشاھ ۽ سندس درٻاري ضد ڪيون ويٺا آھن ته اسان جي سٺن معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ ترقي ڪري پيو ھڪ پاسي سرڪار جون دعوائون آھن ته ملڪ ترقي ڪري پيو ٻئي پاسي صنعتي يونٽون بند ٿيڻ واريون خبرون ھڪ پاسي ملڪ جي مالي پوزيشن صفا خراب ٻئي پاسي حڪومتي ڌر جي ڪوڙ تي واھ واھ لڳي پئي آھي سرڪار مالي مشڪلاتن جون دانھون ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبن جي ٻين وصيلن تي قبضي جون ڪوششون ڪري پئي ٻئي پاسي وفاقي سرڪار صاحب پاران قرضن مٿان قرض کڻڻ وارو سلسلو به جاري آھي اھي سڀئي شيون ظاھر ڪن ٿيون ته ملڪ مالي مشڪلاتن کان ٻاھر ناھي نڪتو نه وري ملڪ ۾ ڪا مثبت پرڏيھي سيڙپڪاري ٿئي پئي نه وري ملڪي ترقي جي رفتار وارو ڪانٽو سو جي اسپيڊ تي پھتل آھي اصل ۾ حڪومتي ترقي ۽ خوشحالي صرف بيانن ۽ اشتھارن تائين محدود آھي گرائونڊ تي اڄ به معاشي حالتون بلڪل خراب ۽ پٺتي پيل آھن اھڙن پٺتي پيل مالي ۽ معاشي حالتن کي وڏي چالاڪي سان ڪوڙ جي چادر ۾ ويڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي پر حقيقتن کي ڪڏھن به لڪائي نه ٿو سگھجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Jan 2026
•
شوبز
فلم ’’دھرن دھَر‘‘ کے اداکار گھریلو ملازمہ سے زیادتی کے الزام میں گرفتار
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
مقامی نظام لائیں یا نئے صوبے بنائیں: مفتاح اسماعیل
26th Jan 2026
•
شوبز
علینہ عامر کی مبينه نامناسب ویڈیو لیک، ٹک ٹاکر نے حقیقت بتا دی
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
ایک سال کے دوران سندھ سے 1727 بچے لاپتا، تحقیقاتی ادارے ناکام
26th Jan 2026
•
شوبز
فلم ’’دھرن دھَر‘‘ کے اداکار گھریلو ملازمہ سے زیادتی کے الزام میں گرفتار
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
مقامی نظام لائیں یا نئے صوبے بنائیں: مفتاح اسماعیل
26th Jan 2026
•
شوبز
علینہ عامر کی مبينه نامناسب ویڈیو لیک، ٹک ٹاکر نے حقیقت بتا دی
26th Jan 2026
•
تازہ ترین
ایک سال کے دوران سندھ سے 1727 بچے لاپتا، تحقیقاتی ادارے ناکام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ترقي جون حڪومتي دعوائون
حبيب ٽالاڻي
Habib Talani
0 تبصرے