عمرڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو صوبائي وزير سردار شاهه نوٽيس ورتو

اٽي جي اضافي ريٽن تي ضابطو آڻي عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪيو وڃي: سيد سردار شاهه

عمرڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو صوبائي وزير سردار شاهه نوٽيس ورتو

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاھ جو ضلعي عمرڪوٽ ۾ اٽي جي غير قانوني ۽ اضافي ريٽن تي سخت نوٽيس ،صوبائي وزير سنڌ سيد سردار علي شاھ پاران ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون ته، پوري ضلعي ۾ اٽي جي اضافي ريٽن تي ضابطو آڻي عوام کي سستو ۽ معياري اٽو سرڪار جي طئي ڪيل ريٽن تي فراھم ڪيو وڃي.صوبائي وزير سنڌ سيد سردار علي شاھ جي ورتل نوٽيس بعد ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ پاران سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرز کي سختي سان پابند ڪيو آهي ته سڀاڻي کان تمام شھرن ۾ ڇاپا هڻي اٽي جي مناسب ريٽن تي وڪري جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.