ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائدآباد پوليس شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي اولڊ مظفرآباد واري علائقي مان هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي۔ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شاهزيب ولد ممتاز خان طور ٿي آهي، جنهن وٽان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ ايمونیشن به هٿ ڪيا ويا آهن۔پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي دوست بلال حيدر جي شادي جي تقريب دوران بنا سبب هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عمر گل ولد گل محمد نالي نوجوان، جيڪو جوابدار جو دوست پڻ هو، موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص زخمي ٿيو۔واقعي بابت قائدآباد ٿاڻي تي جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
0 تبصرے