آءِ جي سنڌ شڪارپور پهتو، شهيد ايس ايڇ او خميسو خان بروهي جي وارثن سان تعزيت

آءِ جي سنڌ شڪارپور پهتو، شهيد ايس ايڇ او خميسو خان بروهي جي وارثن سان تعزيت

شڪارپور(احسان ابڙو) آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او خميسو خان بروھي جي وارثن سان تعزيت لاء شڪارپور پھتو,آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او جي گھر ڀاتين تعزيت ڪئي,آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان گڏ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ،ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ،ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ،ڊي ايس پيز ۽ پوليس اھلڪار ساڻس گڏ ھئا,آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او خميسو خان بروھي جي ٻارڙن جي تعليم،پوڻا ٻہ ڪروڙ رپيا گھر خريد ڪرڻ لاء،پوليس پاليسي ھڪ ڪروڙ ڌار،اولاد کي ٻہ نوڪريون،پوليس اھلڪار پٽ کي اي ايس آء طور ترقي ڏيڻ جو اعلان ڪيو,شڪارپور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيوبتہ شهيد ايس ايڇ او خميسو خان بروهي ٽي ڏينهن اڳ ڏوهارين سان مقابلي دوران فرضن جي ادائيگي ڪندي شهيد ٿيو ھو,سنڌ سرڪار ۽ گھرو وزير شهيد جي قرباني کي ساراهيندي وارثن کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آھي,شهيد خميسو خان بروهي جهڙا بهادر آفيسر پوليس کاتي جو فخر آهن ۽ شهيد جي خون جو حساب ضرور ورتو ويندو,سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بھتر بڻائڻ لاء پوليس جا جوان ۽ آفيسر قربانيون ڏين پيا,امن امان خراب ڪرڻ ڪنھن نہ ڏينداسين پوليس کي جديد ھٿيار ۽ جديد مشنيري فرھام ڪئي آھي,سنڌ پوليس پنھنجي عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ لاء ڏينھن رات محنت ڪري پئي,ھن چيو تہ شھيد جي خون جو حساب ڪري پوء اسان سک سان ويھنداسين ڏوھاري پوليس جي خوف کان ڊڄي سلينڊر ڪن پيا ٻين ڏوھارين کي بہ چوندس تہ ڏوھن جي دنيا ڇڏي سلينڊر ٿين انھن سان رعايت ڪئي ويندي عزت سان زندگي گذارن جيڪي پيش نہ ٿيندا انھن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو.