ملير (عبدالرشيد مورجھريو) چيئرپرسن فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد K-1 منصوبي جو سنگِ بنياد رکي ڇڏيو. ان موقعي تي خصوصي دعا ڪئي وئي ۽ منصوبي جي ڪاميابي، وقت سر تڪميل ۽ ڊگهي مدي واري افاديت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.سنگِ بنياد واري تقريب کان پوءِ چيئرمين فاطمه مجيد K-1 منصوبي جي آس پاس جو دورو ڪيو ۽ جاري توڙي ايندڙ ترقياتي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي تڪميل مقرر وقت اندر ۽ اعليٰ معيار مطابق يقيني بڻائي وڃي، جيئن ماهيگير برادري کي ان جا فائدا جلد کان جلد حاصل ٿي سگهن.ان موقعي تي وائيس چيئرمين سليم ديدڪ، ڊائريڪٽرز محمد يوسف، محمد شڪيل، حاجي خان مير خان، فيصل خالد، فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جو جنرل مئنيجر اياز علي سومرو سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. وائيس چيئرمين سليم ديدڪ جنرل مئنيجر ايف سي ايس اياز علي سومرو جي انڻٿڪ محنت کي ساراهيندي چيو ته هي منصوبو ماهيگير برادري جي فلاح و بهبود ۽ معاشي بهتري طرف هڪ اهم ۽ مثبت قدم آهي۔
0 تبصرے