ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو شاهه بندر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو اوچتو دورو

ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ انجنيئرن سان گڏ شاهه بندر جو اوچتو دورو ڪيو

ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو شاهه بندر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو اوچتو دورو

سجاول (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو شاهه بندر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو اوچتو دورو ، تعميراتي ڪمن جو تفصيلي جائزو, ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ انجنيئرن سان گڏ شاهه بندر جو اوچتو دورو ڪيو ، جتي هن مختلف جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ترقياتي اسڪيمز ۾ جاري تعميراتي ڪمن جي معيار ، رفتار ۽ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو ۔ ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ سڀئي ڪم مقرر ڪيل مدي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۔ هن چيو ته عوامي ڀلائي ۽ بهبود سان لاڳاپيل منصوبن ۾ شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي ۔ هن واضح ڪيو ته ناقص مٽيريل جي استعمال ، سستي يا غفلت جي مرتڪب ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۔ ڊپٽي ڪمشنر موقعي تي موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته منصوبن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي بروقت سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۔دوري دوران آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر کي جاري ترقياتي اسڪيمز جي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏني ۔ ڊپٽي ڪمشنر سجاول ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي ۾ ترقياتي ڪم شفاف ، معياري ۽ وقت سر مڪمل ڪري عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻايو ويندو