تقريب ۾ سڪيلڌو طاهري، فقير فريد احمد طاهري ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جماعت اصلاح المسلمين برانچ طاهري ڪالوني جون چونڊون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون، جن ۾ جماعت جي اڳواڻن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، چونڊ واري تقريب ۾ قبلا خليفه سڪيلڌو طاهري، فقير فريد احمد طاهري صدر جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ سميت برانچ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، چونڊن جي نتيجي ۾ نئين باڊي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مطابق مولانا اسد عالم طاهري کي صدر، فقير محمد امين طاهري کي نائب صدر، فقير محمد يوسف طاهري کي جنرل سيڪريٽري، فقير محمد بچل طاهري کي جوائنٽ سيڪريٽري، فقير بخت علي طاهري کي فنانس سيڪريٽري، فقير شاڪر علي طاهري کي پريس سيڪريٽري، فقير نورالله طاهري کي اطلاعات سيڪريٽري، فقير سيف الله طاهري کي لائبريري انچارج ۽ فقير محمد آدم طاهري کي آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو، تقريب جي آخر ۾ قبلا خليفه سڪيلڌو طاهري نون چونڊيل عهديدارن کي قلبي ذڪر ۽ دعائن سان نوازيو ۽ جماعت جي خدمت، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے