English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شھيد فاضل مظلومن جو انقلاب بڻجي ويو
4 views
|
23rd Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وفا سانوڻ نوحاڻي
ھڪ ته تاريخ ۾ جيڪي به انقلابي تحريڪن جي سرواڻي ڪندڙ حق سچ جو آواز بڻجي مظلومن سان نينھن نڀائيندڙ جيڪي عظيم رھبر پيدا ٿيا آهن انهن م منهنجي شاھ ڀٽائي رحمة الله عليہ جي سنڌ امڙ جي گود ۾جنم وٺندڙ جوڌن سدائين تاريخ رقم ڪندي مظلومن پورھيتن مزدورن ھارين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندي جدوجهد ڪندي پنھنجا سر به قربان ڪري ڇڏيا سنڌ ڌرتيءَ سورھيه بھادر بيباڪ دلير انسان پيدا ڪيا آهن انهن مان به ھڪ اھڙو ڪردار لاڙ پٽي جي پرامن علائقي راھوڪي جي سرزمين تي احمد راھو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ فاضل راهو به ھيو ء ھا جڏهن فاضل راهو جنم ورتو ء پڙھي ساڃاھ وند جوان ٿيو ته انھيءَ دور ۾ سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ھر مظلوم ظالم طبقن جي ظلم جي چڪيءَ ۾پيسجي رهيو هو ء بربريت وحشيت جبر جو راڄ قائم ھيو انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عروج تي پهچي ويون هيون معاشري ۾ پورھيتن مزدورن محڪوم ھارين مزدورن کي غلام بڻائي جبري پورهيو ورتو ويندو هو ميرن پيرن سردارن جاگيردارن سرمائيدارن وڏيرن جي ظالماڻو دستور مظلوم طبقن تي ظلم جو ھوندو ھئو، پوء انھيءَ ظلمن جي خلاف فاضل راهو ھڪ جھاد شروع ڪيو ء انھيءَ جي دوران ھن رسول بخش پليجو صاحب سان گڏجي سياسي تنظيم جوڙي ء شھد فاضل راهو مختلف تنظيمن ھاري ڪميٽي عوامي نيشنل پارٽيءَ ھاري تحريڪ عوامي تحريڪ م رهيو هو، ء شھيد فاضل راهو جڏهن ته ڏکايل انسانيت جي ڏک۾شريڪ ٿيڻ لڳو ھر مظلوم جي خوشي۾شامل ٿيو فاضل جڏهن ھر ظلم جبر ناانصافي بربريت وحشيت ڏاڍ جي خلاف جدوجھد ڪندي ء سچائيءَ وفاداري بھادري دليريءَ سان ظالمن کي للڪاريندي للڪاريندي عوامي سپھ سالار بڻجي ويو مظلوم معاشري۾روشني جو ڪرڻو نظر اچي رهيو هيو ظالمن جي غلاميءَ جون زنجيرون ڪڙيون ڪڙيون بڻجي ٽٽي رھيون ھيون مظلومن جي اميدن جو محور فاضل راهو بڻجي ويو ء فاضل راهو جي سچائيءَ وفاداري بھادري دليريءَ مظلومن جي اميدن سان گڏ سندن دليون فتح ڪري ورتيون ھيون بس ھر غريب مظلوم طبقن جي زبانن تي فاضل فاضل ھيو ته جڏهن مزدورن ھارين پورھيتن جو فاضل راهو تي اعتماد اھڙو ٿي ويو جيڪو اڄ سندس شھادت کي 39 سال گذري وڃڻ باوجود ھزارين دلين تي راڄ ڪري ٿو ء بحال آهي اھڙا ڪردار انمول ھيرو رھندڙ شھيد عوام محمد فاضل راهو جھڙن بھادر ماڻھن جا جنم صداين۾ ٿيندا آهن ء خوش قسمت ڌرتين تي عظيم ڪردارن جي جنم سان قومون عظيم بڻجي وينديون آهن شھيد فاضل راهو جي زندگيءَ ئي تحريڪ ھئي جدوجهد ھئي انھيءَ جدوجهد تحريڪ جو ٻيو نالو سچائيءَ وفاداري ھيو شھيد عوام محمد فاضل راهو جيڪي به تحريڪون هلايون ء انهن جي منزل سايبان ڪاميابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ھلايون نه رڳو ھلايون پر ڪاميابي حاصل ڪري ڏيکاري، پوءِ اھا تحريڪ ون يونٽ واري هلچل ھجي يا ووٽر لسٽون سنڌيءَ۾ڇپايو، نيلام بند ڪيو،صحافين جي تحريڪ ھجي ڌارين جي آبادڪاري واري تحريڪ ھجي فاضل راهو ھر تحريڪ جي جان بڻجي ويو طاقت بڻجي ويو ڇو ته طاقت عوامي ھوندي آھي ء عوامي طاقت فاضل راهو سان جڙيل ھئي ء عوامي آواز بلند ڪرڻ تي فاضل راهو جا مير پير سردار جاگيردار سرمائيدار وڏيرا ڪامورا شاهي سميت سڀ ظالماڻو طبقو سندس دشمن بڻجي ويو فاضل راهو رڳو علائقي جي ظالمن جي خلاف جدوجھد نه ڪئي ھئي پر ھن ملڪ جي ء بين الاقوامي سامراجي قوتن کي للڪاري رهيو هو انهن جون فاضل راهو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ھيون پاڪستان جي وڏن وڏن ڊڪينٽرن ايوب خان، يحي خان کان ويندي ضياء الحق جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون سندن فاضل راهو جي عوامي جدوجهدن سبب وايون بتال ٿي ويون انھيءَ عوامي جدوجهدن جي ڏوھ۾رياستي حڪومتن فاضل راهو کي خاموش ڪرائڻ جي لاءِ جيل۾رکيو حيدرآباد ڪراچي سکر کان ويندي بلوچستان جي جيلن۾ قيد ڪري اذيتون ڏنيون ويون سندس فرزند محمد صديق راهو تي ايترو تشدد ڪيو ويو جيڪو بعد زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو پر سندن فاضل راهو کي جھڪائڻ وارا حربا ناڪام بڻجي ويا سندن ھر ظلم جبر ناانصافي ڏاڍ سان فاضل ڏاڍو بڻجي منظر تي اچڻ لڳو ھر ظلم ستم تي فاضل راهو جا حوصلا بلند ٿيندا رهيا ائين ھوء ظلم بربريت ڪندي ڪندي خاڪ۾ملي ويا سندن نانءُ ڌوڙ مٽيءَ بڻجي ويو ء فاضل راهو ھڪ تاريخ جو عظيم ڪردار انقلابي ڪمانڊر بڻجي ويو ء نيٺ جڏهن سندن ھر حربا فاضل راهو کي جھڪائڻ۾ خاموش ڪرائڻ۾ ناڪام ٿي ويا ته پوءِ انهن ھڪ سازش جي نتيجي۾فاضل راهو کي شھيد ڪرائي ڇڏيو ء جڏهن اھا سازش يا انھيءَ کي ڪھڙو به نام ڏجي جنهن تحت کيس شھيد ڪيو ويو ته پوءِ اھو به ھڪ مظلوم جي حقن جي لاءِ وڙھندي وڙھندي شھادت جو رتبو اعلي حاصل ڪري ويو 17 جنوري 1987 ع تي گولاڙچي شهر۾ھڪ ڪھاڙي جي ڌڪ سان جڏهن کيس شھيد ڪيو ويو ته انھيءَ ڪھاڙي ھڪ فاضل راهو سان گڏ ڪروڙين مظلومن پورھيتن مزدورن محڪوم ھارين جي اميدن خواھشن جو خون ڪري ڇڏيو شھيد فاضل راهو جي سچائيءَ وفاداري بھادري دليريءَ سان مظلومن جو ساٿ ڏيڻ ء ظالمن وحشين کي للڪارڻ عوامي دلين جي دنيا جو نظريو بڻائي ڇڏيو اڄ فاضل راهو جي وڇوڙي کي 39 سال گذري ويا آهن پر اڄ تائين ڪنھن بہ تحريڪ م ايڏو جوش جذبو پيدا ناھي ٿيو نه اھڙي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جھڙي فاضل ماڻيون اڄ ھر ڪو پنھنجي ليڊري چمڪائڻ جي چڪر۾آهي ھر ڪو شوشل ميڊيا تي پنهنجي سپورٽرن جي ذريعي جدوجهد ھلائي رھيا آھن جيڪو پنهنجي مخالف ڌر کي وڌيڪ گاريون ڏيڻ کي ڪوڙ ڳالهائڻ منافقت ڪرڻ کي ڪاميابي قرار ڏئي رهيو آهي ء انهن جا وڏا وڏا ليڊر جن جا فلسفا کڻي سياسي يتيمي جو وکر وڪڻي رهيا آهن اھئي به ايم ار ڊي تحريڪ ۾ ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ھئا گھرن جي ڪنڊن م لڪي ڪتاب پڙهڻ جون ھدايتون قوم کي ڏئي رهيا ھئا ء اڄ اھئي به پاڻ کي ليڊر پيش ڪري رهيا آهن ھا ليڊر رھبر فاضل راهو ھيو جنهن امريتي ڪردارن کي عوامي طاقت سان ڌوڏي ڇڏيو ء جھموريت آئين جي بحالي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو انقلابي عوامي ھيرا اھئي آهن جن جھموريت آئين جي بحالي لاءِ سر قربان ڪيا جيل ڪاٽيا ڦٽڪا جسم تي برداشت ڪيا ڦاهيء جا ڦندا چمڻ لاءِ تيار ھئا ڦاسي ڏنيون ويون باقي ميدان مان ڀڄڻ ء ميدان ملھائڻ وارن کي دنيا سنڌ سڃاڻي ٿي تاريخ گواهه آهي ء اڄ به سرخ سلام پيش ڪري ٿي،شھيد فاضل راهو ئي اھڙو ڪردار ھئو جنھن پنھنجي سياسي سچائيءَ سان عوام جو ساٿ ڏنو ته عوامي دلين۾سمائجي ويو ء اڄ 39 ورسي جون تقريبون راھوڪي۾ ٿي رھيون آھن ھزارين عورتون پورھيت طبقي انھيءَ کان علاوه مظلوم طبقن جا ھارين پورھيت مزدورن سميت عوامي جھموري ڪارڪنن جو راھوڪي م ڇوليون ھڻندڙ عوامي سمنڊ گڏ ٿي رهيو آهي اھو پيار عقيدت شھيد فاضل راهو جي سچائيءَ وفاداري بھادري جو آعلي ثبوت آهي شھيد فاضل راهو ھڪ فرد جو نالو نه ھيو ھوء ھڪ پارٽي جو محتاج نه ھو شھيد فاضل راهو ھڪ ڪردار ھڪ نظريو ھيو ھڪ سچائيءَ وفاداري سان عوامي دلين۾راڄ ڪندڙ ھڪ رھبر به ھيو ته ھڪ ڪارڪن به ھيو ته ھڪ ليڊر به ھيو ته ھڪ ورڪر به ھيو فاضل راهو ھڪ پارٽي ويو ھڪ تحريڪ ھيو ھڪ جدوجھد جو محور ھيو نه رڳو ايترو پر ھڪ تاريخ جي تقدير ھيو جيڪو تاريخ ئي تبديل ڪري ويو ء جيڪي ظالمن وحشي قوتن ظلمن جي زنجيرن۾قوم کي جڪڙي رکڻ جون سازشون ڪيون ھيون شھيد فاضل انھن سازشن جا سمورا ڪارا ڪوٽ ڊاھي عوامي طاقت سان پٽ ڪري ڇڏيا ء ھر ظالم جابر سامراجي قوتن جون سازشون مٽيءَ م ملائي عوامي طاقت سان عوامي جدوجھد سان عوام کي طاقت ڏياري ءانھي ڪري اڄ سندس شھادت کي 39 سال گذري ويا آهن پر اڄ به عوامي دلين جي دڙڪن سان جڙيل آهي شھيد فاضل راهو پنهنجي وفاداري سچائيءَ اصولن جي بنياد مظلوم طبقن جو عوامي انقلاب بڻجي ويو جنهن تي سنڌ پاڪستان جي قوم اڄ به شھيد فاضل راهو تي فخر ڪري ٿي ء کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا شھيد عوام محمد فاضل راهو سنڌ جو هڪ عظيم ڪردار سان گڏ عوام دوست مظلوم دوست نظريو ھئو ھن مظلوم طبقن کي پرامن عوامي جھموري جدوجھدن جا گس سمجھايا ء انهن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جو حوصلو ڏنو فاضل راهو مظلوم طبقن کي اھيا راھ سيکاري ته اصل طاقت مظلوم طبقن وٽ آھي وڏيرا جاگيردار سرمائيدار طبقي وٽ صرف خوف طاري ڪري عوامي حقن تي ڌاڙو ھڻندا آھن جڏھن عوامي طاقت سامھون ظالم وحشي طبقي جي ڪا حيثيت ئي ناهي اھيو سبق سيکاري عوام کي شھيد فاضل راهو پنھنجو بڻائي ڇڏيو اڄ به جڏهن ڪنهن ظالم کي للڪاريو ويندو آهي ته اھا ھمٿ حوصلي بھادري۾ فاضل راهو سمايل ھوندو آھي فاضل راهو ڪڏهن به ذاتي اڙ وٺي سياسي طاقت سان ڪنهن فرد کي نه للڪاريو ھئو شھيد فاضل راهو ظالماڻي نظام سرمائيداري نظام جاگيرداري وڏيرڪي نظام کان ويندي بين الاقوامي سامراجي قوتن جون جڙون ٽوڙي ماڻهن کي سندن سامھون جرئت دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ جي سگھ ڏئي ويو اڄ به دنيا جي مظلومن قومن جو شھيد فاضل انقلابي ڪمانڊر آھي انقلابي رھبر اھي جنهن تي سنڌ ء پوري دنيا جي پورھيتن مزدورن محڪوم ھارين کي ناز ء فخر آهي کيس ھر مظلوم سرخ سلام پيش ڪري ٿو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
ملک میں سونے اور چاندی کی قیمتیں تاریخ کی بلند ترین سطح پر پہنچ گئیں
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی کی ایک اور وکٹ گر گئی، اہم رہنما پیپلز پارٹی میں شامل
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
گل پلازہ سانحہ کیس میں اہم پیش رفت، ملبے سے سی سی ٹی وی کیمروں کی ڈی وی آرز برآمد
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
چترال: برفانی تودہ گرنے سے 9 افراد جاں بحق
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
ملک میں سونے اور چاندی کی قیمتیں تاریخ کی بلند ترین سطح پر پہنچ گئیں
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی کی ایک اور وکٹ گر گئی، اہم رہنما پیپلز پارٹی میں شامل
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
گل پلازہ سانحہ کیس میں اہم پیش رفت، ملبے سے سی سی ٹی وی کیمروں کی ڈی وی آرز برآمد
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
چترال: برفانی تودہ گرنے سے 9 افراد جاں بحق
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شھيد فاضل مظلومن جو
وفا سانوڻ نوحاڻي
0 تبصرے